گڏيل قومون-09 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن وچ اوڀر ۾ جنگ بندي تي اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها اڳڀرائي شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ ڪجهه رليف جو سبب بڻجي سگهي ٿي پر انساني ضرورتون هن وقت به سنگين آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطن بابت ماتحت اداري (او سي ايڇ اي) مطابق پنجن هفتن کان وڌيڪ جاري رهندڙ شديد ڇڪرين سبب …
گڏيل قومن پاران وچ اوڀر ۾ جنگ بندي جي آجيان

مزید خبریں
گڏيل قومون-09 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن وچ اوڀر ۾ جنگ بندي تي اميد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها اڳڀرائي شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ ڪجهه رليف جو سبب بڻجي سگهي ٿي پر انساني ضرورتون هن وقت به سنگين آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطن بابت ماتحت اداري (او سي ايڇ اي) مطابق پنجن هفتن کان وڌيڪ جاري رهندڙ شديد ڇڪرين سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ بنيادي ڍانچي جهڙوڪ بجلي، پاڻي، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام کي شديد نقصان پهتو. او سي ايڇ اي ٻڌايو ته ايران ۾ گڏيل قومن ۽ ان جي شراڪتدار اختيارين سان گڏجي پناهگيرن ۽ متاثر ماڻهن جي مدد وڌائي رهيا آهيون، جتي بنيادي سهولتن جي بحالي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ضروري شين جي فراهمي ترجيحن ۾ شامل آهن. اداري خبردار ڪيو ته پناهگاهن ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي موجودگي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال سبب خارش جهڙين بيمارين جا ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي خاص طور تي ٻارن ۽ بزرگن لاءِ خطرناڪ آهن.











