تهران-09 اپريل (اي پي پي) ايران آبنائي هرمز وٽان گذرندڙ سامونڊي جهازن لاءِ متبادل روٽس جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان جو سبب مرڪزي حصي ۾ پاڻي اندر بارودي سرنگن جي موجودگي جو خطرو ٻڌايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پاسداران انقلاب پاران هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آبنائي هرمز جي رستي ۾ ايندڙ ويندڙ سمورن جهازن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته سامونڊي سفر ۾ حفاظتي اصولن …
ايران پاران آبنائي هرمز وٽان گذرندڙ سامونڊي جهازن لاءِ متبادل روٽس جو اعلان

مزید خبریں
تهران-09 اپريل (اي پي پي) ايران آبنائي هرمز وٽان گذرندڙ سامونڊي جهازن لاءِ متبادل روٽس جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان جو سبب مرڪزي حصي ۾ پاڻي اندر بارودي سرنگن جي موجودگي جو خطرو ٻڌايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پاسداران انقلاب پاران هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آبنائي هرمز جي رستي ۾ ايندڙ ويندڙ سمورن جهازن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته سامونڊي سفر ۾ حفاظتي اصولن تحت ۽ امڪاني طور بارودي سرنگن جي وڪڙ ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ هو متبادل رستا اختيار ڪن. بيان ۾ نون رستن جي اندرين ۽ ٻاهرين هنڌن بابت به هدايتون شامل آهن. واضح رهي ته ايران عارضي طور آبنائي هرمز کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو عالمي سطح تي ٿيل تيل جي واپار جي حوالي سان اهم آهي ۽ هتان دنيا جي واپار جو پنج سيڪڙو حصو گذري ٿو. آبي گذرگاهه کي کولڻ ان ٻن هفتن جي جنگ بندي جي ڊيل جو حصو آهي جنهن تي هڪ ڏينهن اڳ ئي ايران ۽ آمريڪا رضامندي ظاهر ڪئي هئي.











