اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪامياب ۽ متحرڪ سفارتڪاري سبب اڄ سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن، پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو مقام وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان عالمي معاملن ۾ ذميدار ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جو هڪ نمايان مثال خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ …
ڪامياب ۽ متحرڪ سفارتڪاري سبب اڄ سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن، پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو مقام وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪامياب ۽ متحرڪ سفارتڪاري سبب اڄ سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن، پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو مقام وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان عالمي معاملن ۾ ذميدار ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جو هڪ نمايان مثال خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتي سفارتي ڪوششون آهن. اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان ٽريول مارٽ 2026ع جي سلسلي ۾ رٿيل نيشنل ٽوئر ازم ڊائلاگ کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته سياحت پاڪستان جي معاشي ترقي، عالمي سُڃاڻپ کي هٿي وٺرائڻ ۽ قومي هم آهنگي جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن تقريب ۾ شريڪ حڪومتي نمائندن، عالمي سياحتي ادارن، سفارتڪارن، سيڙپڪارن ۽ نجي شعبي جي نمائندن تي ٻَڌل ميڙاڪي کي ساراهيو ۽ وزيراعظم جي سياحت بابت قومي رابطا ڪار سردار ياسر الياس خان جي ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ انهن ڳالهين جو بندوبست ممڪن ٿيو ۽ جيڪو ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مسلسل خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هن سال پي ٽي ايم جو موضوع پاڪستان جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته هو عالمي سياحتي رجحانن سان هم آهنگ ٿي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن عوامي ۽ نجي ڀائيواريءَ جي ماڊل کي ساراهيندي چيو ته اها حڪومت ۽ نجي شعبي وچ ۾ اثرائتي سهڪار جو بهترين مثال آهي ۽ ان نوعيت جي ڀائيواري سياحت جي شعبي ۾ جٽادار ترقي، جدت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٽر آهن. پاڪستان ۾ سياحت جي وسيع امڪانن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ قديم تهذيبن، ثقافتي جدت ۽ قدرتي حسن جو هڪ منفرد ميلاپ پيش ڪري ٿو، موهن جو دڙو، مهر ڳڙهه ۽ وادي سنڌ جهڙين عظيم تهذيبن کان وٺي گنڌارا جي شاندار آثارن تائين، پاڪستان هڪ ڀرپور ورثي جو امين آهي، ان سان گڏوگڏ بلند جابلو سلسا، سرسبز ۽ شاداب ۽ دلڪش منظر سڄي دنيا جي سياحتن کي پنهنجي طرف راغب ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت رکن ٿيون. هن پنهنجي اباڻي شهر ملتان جو ذڪر ڪندي ولين جي روحاني اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي صوفياڻي روايت امن، رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان فقط هڪ سياحتي ماڳ ناهي پر هڪ منفرد ۽ بامعنيٰ تجربو آهي جيڪو ايندڙ سياحن لاءِ دلين تي دير تائين اثر ڇڏي ٿو. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سياحت قومي معيشٽ لاءِ هڪ اثرائتو محرڪ آهي جيڪو پرڏيهي ناڻي کي حاصل ڪرڻ، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن آذربائيجان، ملائيشيا، ٿائلينڊ، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، برطانيه ۽ ٻين ملڪن مان ايندڙ نمائندن ۽ عالمي سياحتي ادارن جي نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي شرڪت ۾ واڌ پاڪستان جي سياحتي امڪانن تي وڌندڙ عالمي اعتماد جو مظهر آهي. سينيٽ چيئرمين سمورن لاڳاپيل ڌُرين تي زور ڀريو ته ڪجهه ڳالهين تائين محدود نه رهون پر عملي قدمن کي يقيني بڻايون. هن پاليسي جي تسلسل، اداره جاتي هم آهنگي ۽ اثرائتي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انهن ئي ڌُرين ذريعي پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ پنهنجي مڪمل صلاحيت ڪتب آڻي سگهي ٿو. آخر ۾ هن پاڪستان ٽريول مارٽ 2026ع جي ڪامياب بندوبست تي انتظام سنڀاليندڙن، ڀائيوارن ۽ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو سينيٽ چيرمين طور سياحت کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري جي استحڪام ۽ پاڪستان کي عالمي سياحتي نقشي تي نمايان مقام ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قانون سازي ۽ پاليسي قدمن جي مڪمل حمايت جاري رکندو. ان موقعي تي پنجاب جو صوبائي اسيمبلي ميمبر سيد علي حيدر گيلاني، سينيٽ چيئرمين جو بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس بابت صلاحڪار ۽ سفير مصباح کي به موجود هئي.












