اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته دفاعي ميدان ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان سفارتي ميدان ۾ به برتري حاصل ڪري ورتي آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ ٿي آهي، اسان پنهنجي قيادت جي بصيرت کي داد ڏيون ٿا، اسان جي ان ڪردار سان دنيا جنگ جي پاڇي کان پوئتي هٽي وئي …
دفاعي ميدان ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان سفارتي ميدان ۾ به برتري حاصل ڪري ورتي آهي: خواجه محمد آصف
اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته دفاعي ميدان ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان سفارتي ميدان ۾ به برتري حاصل ڪري ورتي آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ ٿي آهي، اسان پنهنجي قيادت جي بصيرت کي داد ڏيون ٿا، اسان جي ان ڪردار سان دنيا جنگ جي پاڇي کان پوئتي هٽي وئي آهي، مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ ڪاميابين جا نوان دروازا کُلندا، عالم اسلام کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اسرائيل ۽ هندستان اسان جا ازلي دشمن آهن، پاڪستان وٽ اُمت جي قيادت جا موقعا آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي 78 سالن جي تاريخ ۾ جهڙيءَ طرح هن وقت عزت ۽ مانُ مليو آهي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي پئي وڃي، يورپي يونين، مسلم ملڪن سميت اسان جا پاڙيسري پڻ اسان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪردار جي تعريف ڪري رهيا آهن. خواجه آصف چيو ته اسان پنهنجي کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي ان کان اڳ ڌوڙ چٽائي، ان وقت کان وٺي هاڻ تائين ۽ ايندڙ مستقبل ۾ به جهڙيءَ طرح پاڪستان جو قد ڪاٺ عالمي سطح تي وڌي رهيو آهي، عزت ۽ اعزاز ۾ واڌ ٿي رهي آهي اهو به مثال آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سٺا لمحا به آيا پر شايد ئي ان کان وڌيڪ عزت ۽ فخر جو لمحو آيو هجي، انفرادي يا ٻه طرفي مسئلي تي اسان جو وقار بلند ٿيو آهي، پر ايران- آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پوري دنيا ساراهي رهي آهي، ان تي اسان الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا، پوري دنيا وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اڳ به اهڙي مفاهمت ۽ يڪجهتي هجي ها ته اسان سمورن سانحن کان بچي وڃون ها، اسان پنهنجي قيادت جي بصيرت کي داد ڏيون ٿا ته هنن ماضيءَ کي آڏو رکندي هڪ اهڙو رشتو ۽ تعلق شروع ڪيو آهي جنهن جا ثمر اسان آڏو آهن، پهرين ازلي دشمن خلاف فتح جي صورت ۾ جنهن جو دنيا اعتراف ڪري ٿي ۽ ڪنهن جي ذهن ۾ شڪ شبهي جي ڪا گنجائش نه رهي، آمريڪي صدر ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي ان فتح جي تعريف ڪئي آهي، هندستان اندر به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان کي هندستان مٿان ان جنگ ۾ به برتري حاصل هئي ۽ هاڻ سفارتي محاذ تي پڻ پاڪستان کي ڀارت تي برتري حاصل ٿي آهي، اها وڏي ڪاميابي ۽ سڀ کان وڏو ورثو آهي جيڪو اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ٻن اڍائي سالن ۾ تڪرارن باوجود عالمي سطح تي پاڪستان جو قد ڪاٺ جهڙيءَ طرح وڌيو آهي اهو تعريف جوڳو آهي، هن وقت اسان طالبان سان جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان جن ماڻهن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پاليو اڄ انهن جا هٿ اسان جي گريبانن ۾ آهن، اهي هٿ ڪٽينداسين، اسان جي فوج ان محاذ تي به جيتريون قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ جهڙيءَ طرح سان وڙهي رهي آهي اتي به سندن قربانين عيوض اڳرائيءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ان ڪاميابيءَ کان پوءِ هندستان ۽ افغانستان جي خطي ۾ ڪا حمايت نه هوندي. بچاءَ واري وزير چيو ته پوري قوم کي کوڙ ساريون مبارڪون پيش ڪريون ٿا، اها انتهائي خوشي ۽ تاريخ ساز لمحو آهي، ان مان اميد آهي ته ايندڙ وقتن ۾ پاڪستان لاءِ نوان رستا کُلندا اها اسان جي نيت جي سچائيءَ جي عڪاسي آهي ۽ هن ملڪ ۽ مٽيءَ سان وفا جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي جنهن جا ثمر اسان کي ملي رهيا آهن ۽ اهو سڀ الله طرفان آهي. هن چيو ته سڄي دنيا پاڪستان جي تعريف ڪري رهي آهي جن ماڻهن کي دنيا جي نقشي تي معلوم به نه هو ته پاڪستان ڪٿي واقع آهي اڄ اهي به پاڪستان جي تعريف ڪري رهيا آهن، اسان جي اها ڪاميابي اسان جي سُڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، اهو اسان جي اتحاد ۽ گڏيل بقا جو ثمر آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته اها اسان جي قيادت جي بصيرت آهي، الله اسان جي ان اتحاد ۽ انهن پاليسين کي جاري ۽ ساري رکي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي ملڪ جي بقا آهي، ان ۾ ملڪ جي زندگي آهي، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ ورثو تيار ڪري رهيا آهيون، 78 سالن ۾ تمام گهڻين غلطين، ڪوتاهين سان اسان جي تاريخ ڀريل آهي پر گذريل ٻن سالن جي تاريخ اسان کي ٻُڌائي ٿي ته پاڪستاني دنيا ۾ جتي به آباد آهن هو فخر سان پاڻ کي پاڪستاني سڏرائين ٿا ۽ اسان جي وطن پنهنجي کان پنج ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اڄ پاڪستان سڄي دنيا جي تمنائن ۽ اميدن جو مرڪز بڻيل آهي ته امن قائم ٿيندو، نار فارس کُلندو، هرمز جا بند رستا کُلندا، تيل ۽ گيس جي ٻيهر رواني شروع ٿيندي. بچاءَ واري وزير چيو ته نار فارس جي ٻنهي طرف اسان جا ڀائر آهن، هڪ طرف ايران آهي، ٻي طرف سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات، بحرين، اومان آهن، اهي اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان کي تمام گهڻا عزيز آهن ۽ اسان مذهبي تعليمات ۽ قرآن ۽ حديث جي احڪامن جي روشنيءَ ۾ انهن ڀائرن ۾ صلح جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ وقتن ۾ اسان جا بي شمار هاڪاري اثر پيدا ٿيندا ۽ جيڪي پاڪستاني پنهنجي روزگار يا ڪنهن ٻين سببن سان دنيا ۾ سُڃاتا وڃن ٿا پر ڀارت خلاف جنگ ۾ فتح ۽ اڄ ٽياڪڙي جو ڪردار پاڪستان ادا ڪيو ان سان کي هڪ نئين سُڃاڻپ ملي آهي ته پاڪستان جي قيادت پنهنجي ملڪ کان ڪيتروئي پري صلح جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اسرائيل جيڪو يهوديت جو ڪردار بڻيل آهي ان کي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ۾ صلح جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بچاءُ واري وزير چيو ته عالمِ اسلام کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اسرائيل وانگر هندستان به اسان جو ازلي دشمن آهي، الله ڪري اسان امن ۽ صلح ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون پر ان مٿان اسان جي پهرو ڏيڻو پوندو جهڙيءَ طرح يهودي اثر دنيا ۾ ڦهليل آهي ۽ ان جون ڪڙيون يورپ، آمريڪا ۽ عرب دنيا ۾ به ملن ٿيون ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو آهي ته هو قيادت جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسان کي معاشي ڏُکيائيون به آهن جن ۾ ويجهڙ ڏينهن ۾ اڃا وڌيڪ واڌ ٿي آهي ۽ سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ڪٿان کان امداد آڻيون، مهانگائيءَ جو طوفان اچي چڪو هو جنهن جي وڌيڪ وڌڻ جا امڪان هئا، ان ۾ دُعا گُهران ٿو ته ان جي ناڪاري اثرن کان عام ماڻهوءَ کي نجات مليو، چاهي اهو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ رهندو هجي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ سيد عاصم منير کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته ايندڙ ڏينهن ۾ به کين ڪاميابي ملي ۽ پاڪستان دنيا ۾ وڌيڪ سرخرو ٿئي، پاڪستان جي عزت، وقار ۽ اعزاز ۾ وڌيڪ واڌ ٿئي، پاڪستان جو نالو عالمي برادريءَ ۾ عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي، پرڏيهه ۾ ويهي پاڪستان خلاف ڳالهيون ڪندڙ ۽ ان جي تباهيءَ جي خواهش رکندڙن کي به پاڪستان جي عزت ۽ اعزاز جو تحفظ ۽ ان جي بداخلاقي کان پري رکي.












