اي سي سي ويڪسينيشن، تعليم ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن لاءِ اربين رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويڪسينيشن، تعليم ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن لاءِ اربين رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن طرفان پيش ڪيل سمرين جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن جي منظوري ڏني وئي. …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويڪسينيشن، تعليم ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن لاءِ اربين رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن طرفان پيش ڪيل سمرين جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي صحت جي خدمتن واري وزارت، ضابطن ۽ رابطا ڪاري جي سمريءَ تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائزيشن لاءِ 2.8 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي، ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته ايف ڊي آءِ هڪ اهم قومي پروگرام آهي، جنهن تحت 80 لکن کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ذريعي بيمارين جي روڪٿام کان محفوظ بڻايو پيو وڃي، اها گرانٽ صوبن جي سهڪار سان ويڪسينز، سرنجز ۽ ڪولڊ چين اوزارن جي گڏيل خريداريءَ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمري کي به منظوري ملي، جنهن ۾ امپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۾ ترميم جي تجويز شامل هئي. اها ترميم اريڪانٽ (سوپاري) جي آمدني واپار بابت آهي، جيڪا ملڪي مارڪيٽ ۾ وسيع پيماني تي استعمال ٿيندڙ ۽ واپاري لحاظ کان اهم شيءِ آهي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته وزيراعظم جي منظوريءَ سان متعارف ڪرايل نئين فريم ورڪ تحت پري شپمينٽ انسپيڪشن ۽ بهتر ريگيوليٽري نگرانيءَ کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن زرعي ۽ غذائي حفاظتي معيار تي عملدرآمد ممڪن ٿئي، تڪرارن ۾ گهٽتائي ۽ عالمي بهترين طريقيڪار موجب واپار کي سهولت ملي. اجلاس ۾ بچاءَ واري وزارت تحت ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورسز لاءِ پڻ 306 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اهي فنڊز ضروري مالي ذميدارين جي ادائگين لاءِ استعمال ٿيندا، جن ۾ وزيراعظم جي امدادي پيڪيج تحت ادائگين، ليو پريپريشن ريزور جي رقم جي ادائگي ۽ سفري ۽ ڏهاڙي الائوسنز شامل آهن. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمري جي به منظوري ڏني، جنهن تحت 2 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽس فراهم ڪئي ويندي. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته اهي فنڊز سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي اندروني ايڊجسٽمينٽ ذريعي حاصل ڪيا ويا آهن ۽ ان کي ترجيحي رٿائن تي خرچ ڪيو ويندو. انهن رٿائن ۾ دانش اسڪول (ڪري) اسلام آباد جو قيام ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن تحت وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شامل آهن، جن جو مقصد نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ آهي. اي سي سي فنڊز جي استعمال جي اثرائتي نگراني ۽ ٽريڪنگ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شفافيت، ڪارڪردگي ۽ گهربل نتيجن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ واضح ڪارڪردگي هدف ۽ رپورٽنگ جو مضبوط نظام واضح ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.