اولهندي ملڪن پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگبندي جي آجيان، پاڪستان کي ڪردار کي ساراهيو ويو

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) جرمني، فرانس، هالينڊ، اٽلي، برطانيا، ڪئناڊا، ڊينمارڪ ۽ اسپين سميت اولهندي ملڪن يورپي ڪائونسل ۽ يورپي ڪميشن ڪالهه اربع ڏينهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ ٻن هفتن جي جنگبندي جي آجيان ڪئي آهي. هڪ گڏيل پڌرنامي ۾ اڳواڻن، جن ۾ ايمانوئل ميڪرون، جارجيا ميلوني، فريڊرڪ مرز، ڪيئر اسٽارمر، مارڪ ڪارني، ميٽي فريڊرڪس، ڪيرياڪوس ميتسوتاڪس، پيڊرو سانچيز، ارسولا وان ڊيرليئن …

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) جرمني، فرانس، هالينڊ، اٽلي، برطانيا، ڪئناڊا، ڊينمارڪ ۽ اسپين سميت اولهندي ملڪن يورپي ڪائونسل ۽ يورپي ڪميشن ڪالهه اربع ڏينهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ ٻن هفتن جي جنگبندي جي آجيان ڪئي آهي. هڪ گڏيل پڌرنامي ۾ اڳواڻن، جن ۾ ايمانوئل ميڪرون، جارجيا ميلوني، فريڊرڪ مرز، ڪيئر اسٽارمر، مارڪ ڪارني، ميٽي فريڊرڪس، ڪيرياڪوس ميتسوتاڪس، پيڊرو سانچيز، ارسولا وان ڊيرليئن ۽ انتونيو ڪوسٽا شامل آهن، ان اهم معاهدي ۾ ثالثي جي ڪردار تي پاڪستان ۽ سمورن حصيدارن جا ٿورا پڻ ادا ڪيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي ان اڳڀرائي کي شيئر ڪندي گڏيل پڌرنامي کي اجاگر ڪيو ۽ ٻڌايو ته اڳواڻن جنگبندي جي آجيان ڪئي ۽ واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ مفاهمت ۾ پاڪستان جي سهولتڪار ڪردار کي ساراهيو. گڏيل پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته هاڻي مقصد اهو هجڻ گهرجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سفارتي ذريعن وسيلي تڪرار جي فوري ۽ پائيدار خاتمي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، هڪ ٺوس ڳالهه ٻولهه واري حل طرف اڳڀرائي ايران ۾  شهرين جي تحفظ ۽ وسيع تر خطي جي استحڪام جي لاءِ انتهائي اهم هوندي. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سفارتي حل هڪ سنگين عالمي توانائي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ سمورين ڌرين کي جنگبندي تي مڪمل عملدرآمد جي اپيل ڪئي وئي، جنهن ۾ لبنان پڻ شامل آهي. اڳواڻن آبنائي هرمز ۾ جهازن جي آزادي سان اچ وڃ  کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ سامونڊي سلامتي کي علائقائي ۽ عالمي استحڪام جي لاءِ لازمي قرار ڏنو.