اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جنگبندي جون خلاف ورزيون امن عمل جي روح جي ابتڙ آهن، ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته تڪرار سٽيل علائقن ۾ ڪجهه جاين تي جنگبندي جي خلاف ورزين جي اطلاع ملي آهي جيڪي امن عمل جي روح جي ابتڙ آهن. هن …
جنگبندي جون خلاف ورزيون امن عمل جي روح جي ابتڙ آهن، ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جنگبندي جون خلاف ورزيون امن عمل جي روح جي ابتڙ آهن، ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته تڪرار سٽيل علائقن ۾ ڪجهه جاين تي جنگبندي جي خلاف ورزين جي اطلاع ملي آهي جيڪي امن عمل جي روح جي ابتڙ آهن. هن سمورين ڌرين کي پرزور ۽ مخلصاڻي اپيل ڪئي ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ طئي ٿيل ٻن هفتن جي جنگبندي جو احترام ڪن ته جيئن سفارتڪاري کي تڪرار جي پرامن حل جو موقعو ملي سگهي.












