پاڪستان ترڪيه سميت پنهنجي دوست ملڪن ۽ حصيدارن سان گڏجي خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي امن جي لاءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي حمايت تي ٿورا ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سميت پنهنجي دوست ملڪن ۽ حصيدارن سان گڏجي خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته کيس پنهنجي عزيز ڀاءُ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران هڪ …

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي امن جي لاءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي حمايت تي ٿورا ادا ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سميت پنهنجي دوست ملڪن ۽ حصيدارن سان گڏجي خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته کيس پنهنجي عزيز ڀاءُ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران هڪ انتهائي گرمجوش ۽ انتهائي دوستاڻي ٽيليفون ڪال آئي. وزيراعظم چيو ته هو صدر اردوان جا پاڪستان جي علائقائي امن جي لاءِ مخلصاڻي ۽ ديانتداراڻي ڪوششن جي حوالي سان ان جي حوصلي جوڳي ۽ حمايتي جملن تي سچي دل سان ٿورا ادا ڪري ٿو، اسان پنهنجي دوستن ۽ حصيدارن بشمول ترڪيه سان گڏجي خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي گڏيل جدوجهد ۾ اڻٿڪ ڪم جاري رکنداسين.