اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان بصره ۾ ڪويت جي قونصل خاني تي حملي ۽ ان جي ڀڃ ڊاهه، جڏهن ته گذريل ڏينهن قونصل خاني جي تقدس جي پائمالي جي اطلاع تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان اهڙن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪي مڃيل سفارتي اصولن ۽ عالمي قانون، خاص طور تي قونصلر لاڳاپن بابت …
پاڪستان پاران بصره ۾ ڪويت جي قونصل خاني تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي مذمت
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان بصره ۾ ڪويت جي قونصل خاني تي حملي ۽ ان جي ڀڃ ڊاهه، جڏهن ته گذريل ڏينهن قونصل خاني جي تقدس جي پائمالي جي اطلاع تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان اهڙن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪي مڃيل سفارتي اصولن ۽ عالمي قانون، خاص طور تي قونصلر لاڳاپن بابت ويانا ڪنوينشن جي ابتڙ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان سفارتي ۽ قونصلر مشنز جي سلامتي ۽ انهن جي تقدس کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏي ٿو ۽ ان واقعي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو، جڏهن ته ذميوار عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي زور ڏي ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ڪويتي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ سفارتي مشنز جي احترام ۽ عالمي ذميوارين جي پاسداري جي پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪري ٿو.












