دنيا جي سنگين تباهي جي ويجهو هجڻ وقت پاڪستان مُسلسل سچي نيت سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪيو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اربع جي صبح ٿيندڙ جنگبندي جي آجيان ڪندي ان کي وقت سر قدم قرار ڏنو آهي جيڪو ڳالهه ٻولهه، تحمل ۽ خطي ۾ مستحڪم ماحول جي لاءِ رستو فراهم ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان سدائين سچي نيت سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ نيڪ نيتي …

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اربع جي صبح ٿيندڙ جنگبندي جي آجيان ڪندي ان کي وقت سر قدم قرار ڏنو آهي جيڪو ڳالهه ٻولهه، تحمل ۽ خطي ۾ مستحڪم ماحول جي لاءِ رستو فراهم ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان سدائين سچي نيت سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ نيڪ نيتي سان مسلسل ڪم ڪيو، جڏهن دنيا هڪ سنگين تباهي جي ويجهو هو، اسان اهو قدم خطي ۽ پوري انسانيت جي ڀلائي لاءِ کنيو. صدر چيو ته امن سلامتي، اقصتادي استحڪام ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل خطن ۾ ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان کي دانشمندي، عزم ۽ امن جي لاءِ ثابت قدمي سان قيادت ڪرڻ تي فخر آهي. صدر ايران ۽ آمريڪا جي قيادت کي ساراهيو ته انهن ٽڪراءُ بدران ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني. هن واشنگٽن، تهران، اسلام آباد ۽ نار ملڪن خاص طور تي سعودي عرب جي قيادت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سفارتڪاري جي لاءِ رستو کليو. صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اڻٿڪ ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته انهن اڳواڻن جي وقت سر ڪوششن، قيادت ۽ مسلسل سفارتي رابطن خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر ان مفاهمت تائين پهچڻ ۾ شامل سمورين ڌين پاران حقيقت پسندي، لچڪ ۽ مدبراڻي طرز عمل جي مظاهري کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙي نوعيت جي مثبت نتيجن جي لاءِ مضبوط سياسي عزم ۽ ڇڪتاڻ بدران ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. هن ڀائر ملڪن جا پڻ ٿورا ادا ڪيا جن ۾ چين، سعودي عرب، ترڪيه، قطر، مصر ۽ ٻيا جي سي سي ملڪ شامل آهن، انهن مشڪل وقت ۾ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته سڄي دنيا جي عوام جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن امن جي لاءِ هڪ گڏيل انساني خواهش جي عڪاسي ڪئي آهي، اهو گڏيل آواز اهميت رکي ٿو ۽ ان سان اڳواڻن کي ذميواراڻي فيصلن طرف رهنمائي ڪندي رهڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگبندي خطي جي لاءِ هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿي ته جيئن اهي سُک جو ساهه کڻي، بحالي طرف وڌي ۽ هڪ وسيع تر جنگ جي خطري جي ڇانوَ مان ٻاهر نڪري سگهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته جنگبندي کي هاڻي مستقل ڳالهه ٻولهه، اعتماد سازي جي قدمن ۽ پرامن حل جي واضح عزم جي ذريعي مستحڪم ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان امن، استحڪام ۽ گڏيل احترام جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جي حمايت جاري رکندو.