اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اچڻ تي ميمبرن سيٽن تي بيهي ۽ تاڙيون وڄائي شاندار استقبال ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي عارضي جنگبندي جي لاءِ بي مثال ڪردار تي شاندار خراج تحسين پيش …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اچڻ تي ميمبرن سيٽن تي بيهي ۽ تاڙيون وڄائي شاندار استقبال ڪيو
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اچڻ تي ميمبرن سيٽن تي بيهي ۽ تاڙيون وڄائي شاندار استقبال ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي عارضي جنگبندي جي لاءِ بي مثال ڪردار تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيو ته ميمبرن پاڪستان جي شاندار سفارتي ڪاميابي ۽ عارضي جنگبندي جي لاءِ ڪوششون ڪامياب ٿيڻ تي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي. ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي ۽ تاڙيون وڄائي وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ ان تاريخي ڪاميابي تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جا ٿورا ادا ڪيا ۽ وفاقي ڪابينا کي پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ سفارتي ڪوششن تي ٿورا مڃيندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ان ڪاميابي جو ڪريڊٽ الله تعاليٰ جي مهرباني کانپوءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي سنجيدگي کي ڏنو ۽ چيو ته اها سنجيدگي سدائين رهندي. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪيتريون ئي راتيون جاڳندو رهيو ۽ آمريڪي ۽ ايراني قيادت سان رابطي ۾ رهيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لاءِ زوردار تاڙيون وڄايون ويون.












