اسلام آباد - 08 اپريل (اي پي پي) وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻن ھفتن لاءِ جنگبندي جي اعلان عالمي مالياتي منڊين سميت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به غير معمولي ھاڪاري اثر ڏسڻ ۾ آيا آھن، جتي ڪاروباري ھفتي جي ٽئين ڏينھن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. ڪاروبار جي شروعات تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 12 ھزار 364 پوائنٽس جو نمايا اضافو رڪارڊ ٿيو، جنھن کانپوءِ انڊيڪس …
جنگبندي جي اعلان کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي، ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 12 ھزار 364 پوائنٽس جو نمايا اضافو رڪارڊ
اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻن ھفتن لاءِ جنگبندي جي اعلان عالمي مالياتي منڊين سميت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به غير معمولي ھاڪاري اثر ڏسڻ ۾ آيا آھن، جتي ڪاروباري ھفتي جي ٽئين ڏينھن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. ڪاروبار جي شروعات تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 12 ھزار 364 پوائنٽس جو نمايا اضافو رڪارڊ ٿيو، جنھن کانپوءِ انڊيڪس ھڪ لک 64 ھزار جي سطح پار ڪندي 164،035 پوائنٽس تائين پھچي ويو. اھو اضافو تازي عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ روزانو جي تيزي ۾ شمار ڪيو پيو وڃي. گذريل ڪاروباري ڏينھن جي پڄاڻي تي انڊيڪس 148،594 پوائنٽس تي بند ٿيو. معاشي ماھرن مطابق جنگبندي جي اعلان سبب عالمي سطح تي غير يقيني صورتحال ۾ گھٽتائي آئي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو ۽ مارڪيٽ ۾ وڏي پيماني تي خريداري ڏسڻ ۾ آئي. ھن اڳڀرائي جا اثر عالمي مارڪيٽن ۾ به نمايا رھيا. عالمي سطح تيايس اينڊ پي 500 فيوچرز ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو، جڏھن ته يورپي مارڪيٽس ۾ 5 سيڪڙو تائين بھتري رڪارڊ ڪئي وئي. ايشيائي مارڪيٽس ۾ به ھاڪاري رجحان رھيو، جتي جاپان جي نڪي 22 انڊيڪس ۾ اٽڪل 5 سيڪڙو ۽ ڪوسپي 6 سيڪڙو تائين وڌي ويو. ماھرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن خطي ۾ امن جي صورتحال برقرار رھي ته سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿي سگھي ٿو، جنھن سبب مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان جاري رھڻ جو امڪان آھي جڏھن ته ڪنھن به امڪاني جاگرافيائي يا سياسي تبديلي جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ لاٿ ۽ چاڙھ به ڏسڻ ۾ آيو.












