وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان عالمي سفارتي محاذ تي ذڪر جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان عالمي سفارتي محاذ تي ذڪر جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبنديءَ ۾ پاڪستان جو ڪردار هڪ ذميدار رياست طور تي نمايان رهيو. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد خان چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ جي …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان عالمي سفارتي محاذ تي ذڪر جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبنديءَ ۾ پاڪستان جو ڪردار هڪ ذميدار رياست طور تي نمايان رهيو. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد خان چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اسٽريٽجڪ رهنمائي خطي ۾ استحڪام لاءِ اهم ثابت ٿي. هن چيو ته قومي قيادت جي وقت سر فيصلن سفارتي سطح تي پاڪستان جو وقار وڌيڪ بلند ڪيو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي فعال سفارتڪاري به امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان هڪ ذميدار رياست طور تي عالمي امن لاءِ پنهنجي سفارتي صلاحيت جو ڀرپور اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ثابت ڪيو ته خطي ۾ امن لاءِ سندس سفارتي ذميداري ۽ صلاحيت مسلمان آهي، پاڪستان آئينده به خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.