آپريشن غضب الحق ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز هٿان افغان طالبان رجيم کي بدترين شڪست کي مُنهن ڏيڻو پيو

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) آپريشن غضب الحق ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز هٿان افغان طالبان رجيم کي بدترين شڪست کي مُنهن ڏيڻو پيو. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز سرحد پار حملن جو ڀرپور جواب ڏيندي افغان طالبان جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. افغان ميڊيا به پاڪستان هٿان بزدل افغان طالبان رجيم جي شرمناڪ رسوائيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. افغان ميڊيا افغانستان انٽرنيشنل موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز هٿان …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) آپريشن غضب الحق ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز هٿان افغان طالبان رجيم کي بدترين شڪست کي مُنهن ڏيڻو پيو. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز سرحد پار حملن جو ڀرپور جواب ڏيندي افغان طالبان جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. افغان ميڊيا به پاڪستان هٿان بزدل افغان طالبان رجيم جي شرمناڪ رسوائيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. افغان ميڊيا افغانستان انٽرنيشنل موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز هٿان تازين چڪرين کانپوءِ افغان طالبان صوبي نرستان ۽ ڪنڙ ۾ سرحدي چؤڪيون ڇڏي ڀڄي ويا. افغان طالبان سرحدي چؤڪيون ڇڏي نه صرف مسجدن ۾ لِڪيا پر عام شهرين جي روپ ۾ علائقن مان فرار به ٿي ويا. قبائلي اڳواڻن چيو ته افغان طالبان سيڪيورٽيءَ جي فراهمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ۽ پنهنجي شرمناڪ شڪست لِڪائڻ لاءِ غلط ڄاڻ ڦهلائي رهيا آهن. افغان طالبان رجيم جي غفلت عوام کي بُک تي مجبور ڪيو، مقامي آبادي مدد لاءِ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز سان رابطا ڪرڻ جو اِشارو ڏئي ڇڏيو. ماهرن موجب طالبان رجيم خلاف تازين ڪاررواين ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو آهي ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪنهن به مهم جوئي جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. پاڪستان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي اهو واضح پيغام ڏنو ته هاڻ دهشتگردن جي سرپرستي برداشت نه ڪئي ويندي.