اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي پنهنجي قيادت کي امن، دانشمندي ۽ ذميداري جي علامت طور تي پيش ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي دور انديش قيادت هيٺ ملڪ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ فعال ۽ حڪمت عملي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان …
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي پنهنجي قيادت کي امن، دانشمندي ۽ ذميداري جي علامت طور پيش ڪيو: وفاقي زير طارق فصل چوڌري
اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي پنهنجي قيادت کي امن، دانشمندي ۽ ذميداري جي علامت طور تي پيش ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي دور انديش قيادت هيٺ ملڪ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ فعال ۽ حڪمت عملي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي لڳاتار 24ڪلاڪ سفارتي ڪوششن عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مضبوط، متوازن ۽ فيصلائتي حڪمت عملي ان سموري عمل ۾ استحڪام ۽ طاقت کي مضبوطي ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان واضح طور تي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو تماشائي ناهي پر هڪ مضبوط قوت آهي جيڪا نه رڳو پنهنجي قومي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي پر سموري خطي ۾ امن، ڳالهين جي ڪوششن ۾ به اهم ڪردار دا ڪيو جيڪا هڪ ذميوار رياست جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. اها هڪ اهڙي قيادت آهي جيڪا انتهائي مشڪل وقت ۾ ڪم اچي ٿي. اهو هڪ اهڙو عزم آهي جيڪو امن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان اتحاد، استحڪام ۽ امن لاءِ پنهنجي عزم ۾ ثابت قدم آهي.












