آئيني عدالت (ايف سي سي) کي توهين عدالت جا مسئلا ٻڌڻ ۽ ان تي فيصلو ڏيڻ جو مڪمل اختيار آهي: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت هڪ اهم آئيني فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته عدالت کي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ، ان جي ٻڌڻي ڪرڻ ۽ ان تي فيصلو ڏيڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. ڀلي توهين عدالت آرڊيننس 2003 ۾ ان عدالت جو واضح ذڪر موجود نه هجي.وفاقي آئيني عدالت پاران رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس عامر فاروق جي …

اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت هڪ اهم آئيني فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته عدالت کي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ، ان جي ٻڌڻي ڪرڻ ۽ ان تي فيصلو ڏيڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. ڀلي توهين عدالت آرڊيننس 2003 ۾ ان عدالت جو واضح ذڪر موجود نه هجي.وفاقي آئيني عدالت پاران رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس عامر فاروق جي اڳواڻي ۾ ٻه رڪني بينچ جنهن ۾ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه شامل هيو، هن سي پي ايل اي نمبر 5312 آف 2024 جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو ته توهين عدالت جو اختيار سڌيءَ ريت آئين پاڪستان جي 1973 جي آرٽيڪل 204 ۽ 189 مان نڪري ٿو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته توهين عدالت جي سزا ڏيڻ جو اختيار ڪنهن به آئيني عدالت جي بنيادي ۽ لازمي صفت آهي جيڪا ان کي پنهنجو آئيني فرض بهتر انداز ۾ انجام ڏيڻ جي قابل بڻائي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار سراج احمد پاڻ پيش ٿي عدالت جي دائره اختيار تي اعتراض واريو ته وفاقي آئيني عدالت ان معاملي جي ٻڌڻي جو اختيار نٿي رکي جڏهن ته عدالت ان اعتراض کي رد ڪندي قرار ڏنو ته آئين ۾ ترميم کانپوءِ وفاقي آئيني عدالت کي توهين عدالت جا معاملا ٻڌڻ ۽ ان تي فيصلو ڏيڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي.