پاڪستان جي سياسي قيادت ايران، آمريڪا، اسرائيل جنگ ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪندي لکين حياتيون بچائي ورتيون آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاھه

لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد- 08 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ايران، آمريڪا، اسرائيل جنگ ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي بروقت مداخلت ۽ بهترين سفارتڪاريءَ ۽ ٽياڪڙيءَ سبب لکين ماڻھن جون زندگيون بچي ويون آھن. اسان ھن خطي کي تباھي کان بچائي ورتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد ۾ ميڊيا …

لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد- 08 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ايران، آمريڪا، اسرائيل جنگ ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي بروقت مداخلت ۽ بهترين سفارتڪاريءَ ۽ ٽياڪڙيءَ سبب لکين ماڻھن جون زندگيون بچي ويون آھن. اسان ھن خطي کي تباھي کان بچائي ورتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪنھن به بلاڪ ۾ شامل نه ٿي، نيوٽرل رھي دنيا کي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ھن پوري معاملي ۾ پاڪستان اھم ڪردار ادا ڪندي ايران کان آبنائي ھرمز بند ھئڻ باوجود تيل جا جھاز گذارڻ جون رعايتون ورتيون ۽ سعودي عرب سان به ھر مشڪل ۾ گڏ بيھي ڏيکاريو. جڏھن ته سعودي عرب تي بلا جواز حملو ٿيو ته پاڪستان ان جي مذمت ڪئي. هن چيو ته پوري دنيا آمريڪا، اسرائيل ھجي يا عرب ملڪ ھجن يا ايران ھجي، سڀني پاڪستان جي تجويزن تي ٻن هفتن جي جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيو آهي. اسان سڀني کي الله تعالي جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته الله پاڪ پاڪستان جي عوام جي عزت رکي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هن مشڪل گھڙيءَ ۾ به عوام کي سھولتون ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رھي آھي، اسان موٽر سائيڪل سوارن کي رليف پھچائڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رھيا آھيون، جنھن سان ھر ان موٽر سائيڪل مالڪ کي ٻن هزار رپين جو پيٽرول ڏنو ويندو، جنھن جي نالي تي موٽر سائيڪل رجسٽرڊ آهي. موٽر سائيڪل رجسٽر يشن لاءِ آفيسون رات ڏھين بجي تائين کوليون ويون آهن. سنڌ حڪومت مشڪل وقت ۾ وفاق سان گڏ بيٺل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ھڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين وارو معاملو مخالف سياسي پارٽيون ڪورٽ کڻي ويون ھيون، جتي ڪجھه عرصو ضايع ٿي ويو، سنڌ حڪومت ڪيس کٽي ورتو آهي، ڪجھه ڏينھن اندر جنھن ضلعي ۾ سڄو پروسيجر مڪمل آهي، اتي آرڊر ورھايا ويندا، جيڪب آباد ۾ به جلد آرڊر ورھايا ويندا.