آمريڪا سان 10 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهين جو عمل 10 اپريل تي اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو:ايران

تهران08- اپريل (اي پي پي) ايران تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا سان هاڻي 10 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهين جو عمل   جمعي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو. جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ توسيع به ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته گذريل 40 ڏينهن ۾ ايران جي عوام ۽ هٿيار بند فوج سخت مزاحمت جاري رکي ۽ …

تهران08- اپريل (اي پي پي) ايران تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا سان هاڻي 10 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهين جو عمل   جمعي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو. جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ توسيع به ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته گذريل 40 ڏينهن ۾ ايران جي عوام ۽ هٿيار بند فوج سخت مزاحمت جاري رکي ۽ جنگ جو اڪثر هدف حاصل ڪري چڪا آهيون. بيان ۾ ايران شروعات کان ئي فيصلو ڪيو هو ته جنگ ان وقت تائين جاري رهندي جيسيتائين ملڪ خلاف ڊگهي مدي وارو خطرو ختم نه ٿي وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته ايران آمريڪي صدر طرفان ڏنل ڪيترين ئي ڊيڊ لائينز کي رد ڪيو . سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل مطابق هاڻي جڏهن ايران کي ميدان جنگ ۾ برتري حاصل آهي ۽ آمريڪا سندن اڪثر مطالبا تسليم ڪري چڪو آهي، ان لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڳالهيون جمعي ڏينهن کان اسلام آباد ۾ ٿينديون ته جيئن جنگ ۾ حاصل ٿيل ڪاميابين کي سياسي سطح تي به مضبوط ڪري سگهجي . بيان مطابق اهي ڳالهيون 15 ڏينهن جاري رهنديون ۽ ضرورت پوڻ تي ان مدي ۾ توسيع به ممڪن آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ايران پنهنجو 10 نڪاتي منصوبو آمريڪا کي پاڪستان ذريعي پيش ڪيو آهي جنهن ۾ آبنائي هرمز وٽان ڪنٽرولڊ گذرگاهه، خطي ۾ مزاحمتي گروپن خلاف جنگ جو خاتمو، آمريڪي فوج جي واپسي، ايران کي پهتل نقصان جو ازالو، سمورين پابندين جو خاتمو ، منجمند اثاثن جي بحالي ۽ سمورن معاملن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ قرارداد ذريعي توثيق شامل آهي.