لنڊن-08 اپريل (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي ۽ ان کي پاڪستان جي وڏي سفارتي سوڀ قرار ڏنو ويو آهي. جنگبنديءَ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندڙن ۾ گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري، آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر، ايراني پرڏيهي وزير، پاڪستان ۾ برطانيه جو هاءِ ڪمشنر، نيوزيلينڊ جو پرڏيهي وزير، آسٽريليا جو وزيراعظم ۽ ناليوارا تجزيه …
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي پاڪستان لاءِ وڏي سفارتي سوڀ قرار

مزید خبریں
لنڊن-08 اپريل (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي ۽ ان کي پاڪستان جي وڏي سفارتي سوڀ قرار ڏنو ويو آهي. جنگبنديءَ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندڙن ۾ گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري، آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر، ايراني پرڏيهي وزير، پاڪستان ۾ برطانيه جو هاءِ ڪمشنر، نيوزيلينڊ جو پرڏيهي وزير، آسٽريليا جو وزيراعظم ۽ ناليوارا تجزيه ڪار ۽ مبصر شامل آهن. بي بي سي جي رپورٽ موجب دنيا جي مختلف حصن مان سوشل ميڊيا تي تبصرن ۾ آمريڪا ۽ـ ايران جي جنگ بند ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي تعريف ڪئي پئي وڃي، ان ڳالهه باوجود في الحال اها جنگبندي مشروط آهي ۽ عارضي نوعيت جي آهي. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ پوري تهذيب کي تباهه ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ختم هئڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ پنهنجي سوشل ميڊيا فارم ٽروٿ سوشل تي اعلان ڪيو ته هو ايران خلاف طئي ٿيل حملن کي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو هن پاڪستان جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي درخواست تي تي ڪيو آهي. ان کان فورن بعد ايران جي سپريم سيڪيورٽي ڪائونسل تصديق ڪئي ته آمريڪا سان هاڻ 10 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهين وارو عمل 15 ڏينهن لاءِ اسلام آباد ۾ جمعي کان شروع ٿيندو. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران طرفان مان پنهنجي ڀائر ملڪ پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي خطي ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڪيل اڻٿڪ ڪوششن تي دلي شڪريي جو اظهار ڪريان ٿو. جتي ايران ۽ آمريڪا طرفان جنگبنديءَ کي پوري خاص خاص ڪري وچ اوڀر لاءِ سٺو سنوڻ قرار ڏئي رهيا آهن اتي عالمي مبصر ان کي پاڪستان جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏيندي ان جنگ کي روڪڻ ۾ اسلام آباد جي ڪردار کي ساراهي رهيا آهن. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، وزيراعظم شهباز شريف جي ايران ۽ آمريڪا جي جنگبندي جي اعلان کي ايڪس تي شيئر ڪندي لکيو ته ان اهم جنگبنديءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ خاموش، اثرائتي سفارتڪاري ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو. نيوزيليند جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز پنهنجي پيغام ۾ ايران ۽ آمريڪا طرفان جنگبندي جي اعلان کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي ته اسان ان بحران جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ پاڪستان، ترڪيه ۽ مصر جهڙن ملڪن جي ڪوششن جا ٿورائتا آهيون. آسٽريليا جي وزيراعظم به تڪرار ۾ گهٽتائي لاءِ ٽياڪري ڪندڙ ملڪن ۽ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ جي ڪوششن لاءِ پاڪستان، مصر، ترڪيه ۽ سعودي عرب سميت سمورن ڳالهيون ڪندڙن جي ڪوششن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا ۽ ان جي حمايت ڪريون ٿا. آمريڪي ڪانگريس ۾ پرڏيهي معاملن بابت هائوس ڊيموڪريٽس جي رينڪنگ ميمبر گريگوري ميڪس جنگبنديءَ جي آجيان ڪندي چيو ته ان آمريڪي فوجين ۽ ٻنهي طرفان شهرين جون جانيون بچايون. سندس چوڻ هو ته ان نتيجي تائين پهچڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهڻ چاهيان ٿو. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس به جنگبنديءَ جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ جنگبنديءَ ۾ سهولتڪاري ڪندڙ ٻين ملڪن جي ڪوششن کي ساراهيو. ملائيشيا جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سمورين ڌُرين بنا خوف ۽ـ خطري ڳالهين جون ڪوششون مسلم يڪجهتي ۽ عالمي ذميداريءَ جي اعليٰ ترين روايتن جي عڪاسي ڪري ٿي. ٻي طرف تجزيه ڪار ۽ مبصرن ان جنگبنديءَ کي پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي.











