گڏيل قومون _ 8 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت سربراهه وولڪر ترڪ آمريڪا طرفان ” سموري تهذيب کي مٽائڻ “ جي ڏنل ڌمڪي واري بيان بازي جي شديد مذمت ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق وولڪر ترڪ پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران خلاف ڏنل تازي بيان کي ” انتهائي ڳڻتي جوڳو “ ۽ نفرت انگيز “ قرار ڏنو. هن خبردار ڪيو …
گڏيل قومن پاران آمريڪي ڌمڪين تي سخت رد عمل، آمريڪي صدر جو “ سموري تهذيب کي مٽائڻ “ جي بيان جي مذمت

مزید خبریں
گڏيل قومون _ 8 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت سربراهه وولڪر ترڪ آمريڪا طرفان ” سموري تهذيب کي مٽائڻ “ جي ڏنل ڌمڪي واري بيان بازي جي شديد مذمت ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق وولڪر ترڪ پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران خلاف ڏنل تازي بيان کي ” انتهائي ڳڻتي جوڳو “ ۽ نفرت انگيز “ قرار ڏنو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهڙي بيان تي عمل ڪيو ويو ته عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ امڪاني طور تي جنگي ڏوهه ۾ شامل ٿيندو. سندس چوڻ هو ته شهرين ۽ سويلين ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون جي ابتڙ آهن. وولڪر ترڪ عالمي برادري تي زور ڀريو ته فوري طور قدم کڻندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آندي وڃي ۽ شهرين جي حياتين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. واضع رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن معاهدو نه ڪيو ويو ته ايران جي ” سموري تهذيب ختم ٿي سگهي ٿي“ جنهن بعد عالمي سطح تي ڳڻتي وڌي وئي آهي.











