ايران جي عدالت پاران ڳجهن ايجنٽن خلاف فيصلا تيز ڪرڻ جي هدايت

تهران-08 اپريل (اي پي پي) ايران جي عدالت چيو آهي ته مخالفن جي مدد ڪندڙ ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي تيز ڪئي وڃي ۽ جلد کان جلد فيصلا جاري ڪيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب 28 فيبروري کان شروع ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ ايراني سيڪيورٽي ادارن سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. انهن تي مخالفن جي مدد ڪرڻ جا الزام آهن، انهن ۾ اهم وڊيوز پرڏيهي مخالف چينلز سان شيئر …

تهران-08 اپريل (اي پي پي) ايران جي عدالت چيو آهي ته مخالفن جي مدد ڪندڙ ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي تيز ڪئي وڃي ۽ جلد کان جلد فيصلا جاري ڪيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب 28 فيبروري کان شروع ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ ايراني سيڪيورٽي ادارن سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. انهن تي مخالفن جي مدد ڪرڻ جا الزام آهن، انهن ۾ اهم وڊيوز پرڏيهي مخالف چينلز سان شيئر ڪرڻ يا حملن جي حمايت جو اظهار ڪرڻ به شامل آهي. اهي قدم ايران پاران سيڪيورٽي ۽ عدليه جي سخت قدمن تحت کنيا پيا وڃن ته جيئن ايران پنهنجي ملڪ خلاف دشمن جي منصوبن جو مقابلو ڪري سگهي.