اتر ڪوريا پاران جاپان جي سمنڊ طرف بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو

سيول-08 اپريل (اي پي پي ) اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪندي جاپان جي سمنڊ طرف بيليسٽڪ ميزائل سان حملا ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ميزائل گذريل ڏينهن صبح جو فائر ڪيا ويا جنهن جي تصديق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف به ڪئي آهي. رپورٽ موجب هلندڙ سال دوران اتر ڪوريا پاران ڪيل چوٿون ميزائل تجربو آهي جنهن سان خطي ۾ سيڪيورٽي خدشا وڌيڪ وڌي …

سيول-08 اپريل (اي پي پي ) اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪندي جاپان جي سمنڊ طرف بيليسٽڪ ميزائل سان حملا ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ميزائل گذريل ڏينهن صبح جو فائر ڪيا ويا جنهن جي تصديق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف به ڪئي آهي. رپورٽ موجب هلندڙ سال دوران اتر ڪوريا پاران ڪيل چوٿون ميزائل تجربو آهي جنهن سان خطي ۾ سيڪيورٽي خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن. ان کان اڳ ڏکڻ ڪوريا جي فوج اطلاع ڏنو هو ته 7 اپريل تي به ميزائل ٽيسٽ ڪيو ويو هيو جنهن ۾ امڪان ظاهر ڪيو ويو هيو ته بيليسٽڪ ميزائل استعمال ڪيا ويا. دفاعي ماهرن موجب ان نوعيت جا لڳاتار تجربا خطي ۾ عدم استحڪام کي وڌائي سگهن ٿا جڏهن ته عالمي برادري جي صورتحال تي گهري نظر رکيل آهي.