رياض - 08 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آھي ته مڪي شريف ۽ مقدس ھنڌن ۾ داخلا لاءِ نسڪ ڪارڊ لازمي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھي آفيشل دستاويز آھن جيڪي حج پانڌيئڙن جي قانوني حيثيت جي ضمانت ڏيڻ سان گڏ کين آساني سان حڄ جا رڪن ادا ڪرڻ جي قابل بڻائيندو. وزارت ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ چيو ته نسڪ ڪارڊ مڪي …
حج سيزن ۾ مڪي شريف ۾ داخلا لاءِ نسڪ ڪارڊ لازمي قرار

مزید خبریں
رياض – 08 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آھي ته مڪي شريف ۽ مقدس ھنڌن ۾ داخلا لاءِ نسڪ ڪارڊ لازمي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھي آفيشل دستاويز آھن جيڪي حج پانڌيئڙن جي قانوني حيثيت جي ضمانت ڏيڻ سان گڏ کين آساني سان حڄ جا رڪن ادا ڪرڻ جي قابل بڻائيندو. وزارت ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ چيو ته نسڪ ڪارڊ مڪي شريف ۽ مسجد الحرام ۾ حج پانڌيئڙن جي داخلا کي منظم ڪرڻ سان گڏ مقدس ھنڌن وچ ۾ انھن جي چر پر کي آسان بڻائي ٿو. نسڪ ۽ توڪلنا ايپليڪيشزن ذريعي ڪارڊ جو ڊجيٽل ويزن موجود آھي. ان سان پانڌيئڙن کي پنھنجي ڊيٽا تائين فوري پھچ، ويري فيڪشن ۽ حج سان لاڳاپيل خدمتن مان فائدو کڻڻ ۾ آساني ٿيندي. بيان ۾ چيو ويو ته نسڪ ڪارڊ جي فراھمي منظور ٿيل سروس پروائيڊر ڪمپنين ذريعي ڪئي ويندي آھي. ڪارڊ حاصل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ڪمپني سان فوري رجوع ڪيو وڃي ته جيئن مناسڪ جي شروعات کان اڳ سمورو طريقي ڪار بنا ڪنھن رڪاوٽ جي مڪمل ٿي سگھي. وزارت بيان ۾ حج سيزن ۾ نسڪ ڪارڊ کي ھر وقت گڏ رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آھي. نسڪ ڪارڊ ۾ حج پانڌيئڙن جي سموري معلومات موجود آھي، جنھن ۾ مڪي شريف، مديني شريف ۽ مشاعر مقدسه (منيٰ، عرفات، مزدلفه) جي ايڊريس ۽ ڪمپني بابت مڪمل معلومات ۽ اھم ٽيليفون نمبر ڏنا ويا آھن ته جئين کين ڪنھن به قسم جي ڏکيائي کي منھن نه ڄڻو پوي.











