سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه جي سيد خورشيد ۽ ڪابينا ميمبرن سان گڏ جيڪب آباد آمد، ايم اين اي مير اعجاز حُسين جکراڻي سان سندس والد اڳوڻي ايم اين اي مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت

لاڙڪاڻو- 08 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد ۽ ڪابينا ميمبرن سان گڏ جيڪب آباد پهچي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مير اعجاز حُسين جکراڻي سان سندس والد اڳوڻي ايم اين اي مير احمد نواز عرف بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ان …

لاڙڪاڻو- 08 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد ۽ ڪابينا ميمبرن سان گڏ جيڪب آباد پهچي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مير اعجاز حُسين جکراڻي سان سندس والد اڳوڻي ايم اين اي مير احمد نواز عرف بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ان احمد نواز عرف مير بابل خان جکراڻي جو لاڏاڻو وڏو نقصان آهي ۽ سندس وڇوڙو سياست ۾ وڏو خال ڇڏي ويو آهي. هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. ان موقعي تي اطلاعات کاتي سنڌ جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني ادارن جو وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جو وزير مڪيش ڪمار چاولا، ايم اين اي شبير علي بجاراڻي، ايم پي اي شير محمد مغيري ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هُئا.