زيراعظم محمد شهباز شريف اران ايران ۽ آمريڪا سميت ڌُرين وچ اوڀر ۽ نار ۾ فوري طور تي جنگ بندي تي اتفاق ڪرڻ جي آجيان

اسلام آباد - 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آمريڪا سميت ڌُرين طرفان وچ اوڀر ۽ نار ۾ فوري طور تي جنگ بندي تي اتفاق ڪرڻ جي آجيان ڪندي جمعي جي ڏينهن ٻنهي ملڪن جي وفدن کي تڪرارن جي حتمي ۽ جامع انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڳالهين جي لاءِ اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏني آهي. "ايڪس" تي پنهنجي تاريخي پيغام جنهن …













اسلام آباد - 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آمريڪا سميت ڌُرين طرفان وچ اوڀر ۽ نار ۾ فوري طور تي جنگ بندي تي اتفاق ڪرڻ جي آجيان ڪندي جمعي جي ڏينهن ٻنهي ملڪن جي وفدن کي تڪرارن جي حتمي ۽ جامع انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڳالهين جي لاءِ اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏني آهي. "ايڪس" تي پنهنجي تاريخي پيغام جنهن جو سڄي دُنيا انتظار ڪري رهي هُئي ۾ وزيراعظم چيو ته کيس انتهائي عاجزي سان اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته ايران ۽ آمريڪا پنهنجن اتحادين سان گڏ فوري طور تي جنگ بندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جيڪا لبنان سميت هر جاءِ تي فوري طور تي لاڳو هُوندي، وزيراعظم چيو ته هُو هِن دانشمنداڻي قدم جو گرمجوشي سان استقبال ڪندي ٻنهي ملڪن جي قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورا ادا ڪري ٿو. وزيراعظم ايران ۽ آمريڪا جي وفدن کي جمعي ڏينهن 10 اپريل تي سڀني تڪرارن جي حتمي ۽ جامع حل جي لاءِ وڌيڪ ڳالهين جي لاءِ اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ڌريُون وڏي دور انديشي، دانشمندي ۽ سمجھ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ تعميري انداز ۾ مسلسل رابطي ۾ رهيُون آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ڳالهين ذريعي هڪ پائيدار امن حاصل ٿيندو. هن چيو ته اسان ايندڙ ڏينهن ۾ دنيا کي وڌيڪ خوشخبريُون بُڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ان کان اڳ اڱاري جي رات، وزيراعظم محمد شهباز شريف "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾، وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي ۽ امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي لاڀائتي ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪندي صدر ٽرمپ کي مُهلت ۾ ٻن هفتن جي واڌ، ايران کي ٻن هفتن لاءِ آبنائي هرمز کولڻ ۽ سڀني جهيڙيندڙ ڌرين کي ٻن هفتن جي جنگ بندي جي درخواست ڪئي هُئي. هن پنهنجي پيغام ذريعي دنيا کي آگاهه ڪيو هو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي پرامن حل لاءِ سفارتي ڪوششون آهستي آهستي، مضبوط ۽ موثر انداز ۾ اڳيان وڌي رهيون آهن ۽ انهن جا جلد ئي ٺوس نتيجن تي پهچڻ جا امڪان موجُود آهن. وزيراعظم سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي جي لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ کي درخاوست ڪئي هُئي ته هُو مُهلت ۾ ٻن هفتن جي واڌ ڪري. هن ايران کي پُڻ درخواست ڪئي هُئي ته هُو خير سگالي جي جذبي تحت آبنائي هرمز ٻن هفتن لاءِ کولي ڇڏي. هن چيو هو ته اسان سڀني جهيڙيندڙ ڌرين تي زور ڏيون ٿا ته هُو هر جاءِ تي ٻن هفتن لاءِ جنگ بندي ڪن ته جيئن سفارتي ڪوششن کي جنگ جي حتمي خاتمي تائين پهچڻ جو موقعو ملي سگهي، جيڪو خط ۾ ڊگهي مُدي واري امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم جي ان اعلان کانپوءِ وچ اوڀر ۾ جنگ ٽرڻ جو امڪان پيدا ٿيو هو ۽ سڄي دنيا جون نظرون ان اعلان تي کُتل هيون.