آمريڪي صدر ٽرمپ کي مُهلت ۾ ٻن هفتن جي واڌ، ايران کي ٻن هفتن لاءِ آبنائي هرمز کولڻ ۽ سڀني جهيڙيندڙ ڌرين کي ٻن هفتن جي جنگ بندي جي درخواست ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي ۽ امن لاءِ سفارتي ڪوششن جي ڪامياب ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪندي ته آمريڪي صدر ٽرمپ کي مُهلت ۾ ٻن هفتن جي واڌ، ايران کي ٻن هفتن لاءِ آبنائي هرمز کولڻ ۽ سڀني جهيڙيندڙ ڌرين کي ٻن هفتن جي جنگ بندي جي درخواست ڪئي آهي. اربع جي رات ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، …





اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي ۽ امن لاءِ سفارتي ڪوششن جي ڪامياب ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪندي ته آمريڪي صدر ٽرمپ کي مُهلت ۾ ٻن هفتن جي واڌ، ايران کي ٻن هفتن لاءِ آبنائي هرمز کولڻ ۽ سڀني جهيڙيندڙ ڌرين کي ٻن هفتن جي جنگ بندي جي درخواست ڪئي آهي. اربع جي رات ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي پرامن حل لاءِ ٿيندڙ سفارتي ڪوششون آهستي آهستي، مضبوط ۽ اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، ۽ انهن جا جلد ئي ٺوس نتيجن تائين پهچڻ جا امڪان موجُود آهن. وزيراعظم چيو ته سفارتڪاري جي ڪاميابي لاءِ هو آمريڪي صدر ٽرمپ کي سچي دل سان درخواست ڪري ٿو ته هُو مهلت ۾ ٻن هفتن جي واڌ ڪري. هن چيو ته پاڪستان پوري سنجيدگي ۽ خلوص سان ايراني ڀائرن کي به درخواست ڪري ٿو ته هو خيرسگالي جي جذبي تحت آبنائي هرمز کي ٻن هفتن لاءِ کولين. اسان سڀني جهيڙِندڙ ڌرين کي به درخواست ڪريون ٿا ته اهي هر جاءِ تي ٻن هفتن جي جنگ بندي ڪن ته جيئن سفارتي ڪوششون کي جنگ جي حتمي خاتمي تائين پهچڻ جو موقعو ملي سگهي، جيڪو خطي ۾ ڊگهي مُدي جي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ آهي.