اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گذريل رات سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وڏي خطي ۾ جاري صورتحال ۽ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان طرفان ڳالهه ٻولهه …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد- 08 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گذريل رات سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وڏي خطي ۾ جاري صورتحال ۽ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان طرفان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطن جي جاري ڪوششن ببات تازي اڳڀرائي کان پنهنجي سعودي هم منصب کي آگاهه ڪيو.












