راولپنڊي- 07 اپريل (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽار جنرل ليونت ارگون ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيوراڻن معاملن، جاري اسرائيل- آمريڪا- ايران تڪرار سبب خطي جي سامونڊي سلامتيءَ جي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي …
پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ليونت ارگون جي ملاقات
راولپنڊي- 07 اپريل (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽار جنرل ليونت ارگون ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيوراڻن معاملن، جاري اسرائيل- آمريڪا- ايران تڪرار سبب خطي جي سامونڊي سلامتيءَ جي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ليونت ارگون نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي. نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي معزز مهمان جي آجيان چيف آف دي نيول اسٽاف ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي پيشيوراڻن معاملن، جاري اسرائيل- آمريڪا- ايران تڪرار سبب خطي جي سامونڊي سلامتيءَ جي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ عسڪري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو، خاص ڪري تربيت ۽ گڏيل فوجي مشقن تي ڌيان ڏنو ويو. پاڪ بحريه جي سربراهه خطي ۾ سامونڊي سلامتيءَ لاءِ پاڪ بحريه جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. جنرل ليونت ارگون پاڪ بحريه جي ڪوششن ۽ گڏيل سامونڊي سلامتيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف جي ان دؤري سان ٻنهي وچ ۾ گهرا اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ هڪ محفوظ ۽ مستحڪم سامونڊي ماحول جي قيام لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي.












