سينيٽ چيئرمين پاران روانڊا ۾ توتسي خلاف نسل ڪشي جي يادگاري تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان شرڪت

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ روانڊا جي هاءِ ڪميشن جي انتظام هيٺ روانڊا ۾ توتسي خلاف نسل ڪشي جي 32هين ورسي جي موقعي تي رٿيل يادگاري تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين 1994ع جي ان خطرناڪ سانحي کي تازي انساني تاريخ جي ڪاري باب مان هڪ قرار ڏيندي …

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ روانڊا جي هاءِ ڪميشن جي انتظام هيٺ روانڊا ۾ توتسي خلاف نسل ڪشي جي 32هين ورسي جي موقعي تي رٿيل يادگاري تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين 1994ع جي ان خطرناڪ سانحي کي تازي انساني تاريخ جي ڪاري باب مان هڪ قرار ڏيندي چيو ته 100 ڏينهن اندر 10 لک کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ بيشمار خاندان اُجڙي ويا ۽ معاشرو گَهرن زخمن ۾ گهيرجي ويو. هن ان موقعي تي روانڊا جي عوام سان دلي همدردي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جو عوام ان ڏُک کي چڱيءَ ريت محسوس ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي قيام وقت به بيشمار جانين جو نقصان ٿيو ۽ لکين ماڻهن کي هجرت جي تڪليف مان گذرڻو پيو. سينيٽ چيئرمين روانڊا جي عوام جي جرائت، استقامت ۽ نئين سر تعمير جي تعريف جوڳي سفر کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته روانڊا شديد ڏُک ۽ تڪليف کي اتحاد، مفاهمت ۽ ترقيءَ جو هڪ روشن مثال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪو پوري دنيا لاءِ مشعل راهه آهي. هن خبردار ڪيو ته نفرت کي جيڪڏهن وقت تي نه روڪيو وڃي ته تباهي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجي ٿي جڏهن ته برداشت، انصاف ۽ يڪجهتي، امن ۽ بحاليءَ جي راهه هموار ڪري ٿي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي اصولي مؤقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان امن، انصاف ۽ انساني وقار جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ادارن کي مضبوط بنائڻ، شموليتي طرزِ حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ ۽ رواداري ۽ گڏيل بقا جي ثقافت کي پروان چڙهائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن. هن اهڙي تعليم جي اهميت تي زور ڀريو جيڪا همدردي، برداشت ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏجي ته جيئن Never Again جو عهد عملي شڪل اختيار ڪري سگهي. سينيٽ چيئرمين سمورين ڌُرين تي زور ڀريو ته هو نفرت جي هر روپ خلاف متحد ٿي بيهن، امن کي هٿي وٺرائين ۽ سڄي دنيا ۾ هر انسان جي وقار جو تحفظ يقيني بڻائين. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، ميڊيا نمائندن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ روانڊا جي هاءِ ڪمشنر فاتو هيريمعنه جو شڪريو ادا ڪندي ان سان ۽ روانڊا جي عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو.