ڪراچي- 07 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي سعودي عرب جي تنصيبن تي ايراني حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي معاشي تنصيبن تي حملي جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته معاشي طور تي مستحڪم سعودي عرب خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ نهايت اهم آهي. هڪ مسلمان ملڪ جو ٻئي مسلمان ملڪ …
سنڌ جي گورنر جي سعودي عرب جي تنصيبن تي ايراني حملي جي سخت مذمت

مزید خبریں
ڪراچي- 07 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد نهال هاشمي سعودي عرب جي تنصيبن تي ايراني حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي معاشي تنصيبن تي حملي جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته معاشي طور تي مستحڪم سعودي عرب خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ نهايت اهم آهي. هڪ مسلمان ملڪ جو ٻئي مسلمان ملڪ تي حملو اسلامي تعليم جي برخلاف آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. گورنر اپيل ڪندي چيو ته خطي جا ملڪ احتياط ۽ ذميداراڻو طرز عمل اختيار ڪن.











