اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ناقابل معافي آهي، ان ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، علائقائي صورتحال جي سنگيني جي ڏس ۾ پوري قوم گڏجي پيٽرول جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي مهم ۾ پنهنجو حصو وجهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت …
پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ناقابل معافي آهي، ان ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ناقابل معافي آهي، ان ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، علائقائي صورتحال جي سنگيني جي ڏس ۾ پوري قوم گڏجي پيٽرول جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي مهم ۾ پنهنجو حصو وجهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم مصنوعات، توانائي جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن جي لاڳو جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاونين طارق باوجوه ۽ طلحيٰ برڪي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سميت لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطي ۾ موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڏس M معاشي استحڪام جي لاءِ ڪفايت شعاري بابت فيصلن تي عملدرآمد ۽ پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ اڄ کان لاڳو بازار ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽس ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت سان مشاورت جاري آهي، صوبائي حڪومتن کان تيل تي سبسڊي رکندڙ ماڻهن جا دستاويز ملڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ تصديق کانپوءِ هڪ شفاف ڊيجيٽل نظام جي ذريعي انهن کي سبسڊي جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، آءِ ٽي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي حصيداري سان 4 اپريل کان مال بردار گاڏين، بسن ۽ ٽرڪن کي سبسڊي جي فراهمي تسلسل سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته علائقائي صورتحال جي سنگيني جي ڏس ۾ پوري قوم گڏجي پيٽرول جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي مهم ۾ پنهنجو حصو وجهي، پيٽروليم مصنوعات جي ذخيره اندوزي ناقابل معافي آهي ۽ ان مڪروهه فعل ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار جو هڪ حصو پيٽروليم مصنوعات تي منحصر آهي، مارڪيٽون 8 وڳي بند ڪرڻ ۽ ٻين ڪفايت شعاري جي قدمن جو مقصد نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ آهي پر بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ پڻ آهي.












