چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 274 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس منعقد

راولپنڊي- 07 اپريل (اي پي پي) ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ حڪومت جي ڀرپور سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ تحمل، ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ۽ اصولي سفارتڪاري ۽ تعميري رابطن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل …

راولپنڊي- 07 اپريل (اي پي پي) ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ حڪومت جي ڀرپور سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ تحمل، ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ۽ اصولي سفارتڪاري ۽ تعميري رابطن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ 274 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. فورم هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهيد معصوم شهرين جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي، جن مادِر وطن جي دفاع ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. انهن جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي فورم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سندن ميراث پاڪستان جي قومي سلامتي جو بنياد آهي. آرمي چيف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت، عملي ڪارڪردگي ۽ ملڪي دفاع لاءِ پختي عزم، مسلسل انٽيليجنس تي ٻڌل دهشتگردي جي روڪٿام جي ڪارروائين کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت، هٿياربند فوج ۽ عوام جي گڏيل سهڪار سان پاڪستان سيڪيورٽي ڪاميابين کي مستحڪم، معاشي استحڪام کي مضبوط ۽ عالمي ۽ علائقائي سطح تي پنهنجي حيثيت کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهي آهي. فورم اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڀارت ۽ ٻين پرڏيهي سرپرستن جي ڏَڍ تي سرگرم سمورن دهشتگرد عنصرن، سندن سهولتڪارن ۽ مددگارن کي بنا ڪنهن فرق ۽ مسلسل ڪارروائي ذريعي ختم ڪيو ويندو. آپريشن ”غضب للحق“ جي رفتار کي برقرار رکيو ويندو، ايستائين ته دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن جو مڪمل خاتمو ٿئي ۽ افغان سرزمين جو پاڪستان خلاف استعمال فيصلائتي طور بند ٿي وڃي. فورم وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ حڪومت جي ڀرپور سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ تحمل، ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي ۽ گڏ ئي اصولي سفارتڪاري ۽ تعميري رابطن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. فورم هڪ ذميدار علائقائي ڌر طور پاڪستان جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو، جيڪو امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فورم سعودي عرب جي پيٽرو ڪيميڪل ۽ صنعتي ڪمپليڪس تي تازن حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي غير ضروري چِڙ ڏيارڻ جوڳو قرار ڏنو جيڪو پر امن حل جي ڪوششن کي نقصان پهچائي ٿو. فورم ان ڳالهه کي ساراهيو ته شديد حملن باوجود سعودي عرب هاڻي تائين تحمل ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪيو جنهن سان سفارتي حل جي راهه هموار ٿي، جڏهن ته اهڙي طرح جي بنا جواز جارحيت جاري امن عمل کي متاثر ڪري سگهي ٿي. فورم ڀارت طرفان ڦهلايل غلط ڄاڻ، بي بنياد الزامن ۽ فالس فليگ بيانئي کي رد ڪندي چيو ته اهڙا حربا عالمي سطح تي بي نقاب ٿي چڪا آهن. فورم ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ تازن جعلي مقابلن کي عدالت کان مٿانهن قتلن کي لِڪائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. پنهنجي پڄاڻي وارن جملن ۾ آرمي چيف، سمورن ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته هو اعليٰ ترين آپريشنل تياري، پيشيوراڻي معيار ۽ حالتن مطابق رَلجڻ جي صلاحيت کي برقرار رکن. هن هٿياربند فوج جي ان صلاحيت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو هر قسم جي خطرن جو مقابلو ڪندي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو هر صورت دفاع ڪندي.