خطي جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 07 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته خطي جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سبب عوام تي بار پيو. هن اهم معاملي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن وڏن وزيرن شرڪت ڪئي ۽ گڏيل فيصلا ڪيا ويا. …

ڪراچي- 07 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته خطي جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سبب عوام تي بار پيو. هن اهم معاملي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن وڏن وزيرن شرڪت ڪئي ۽ گڏيل فيصلا ڪيا ويا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عوام جي رليف لاءِ 35 اربن جو پيڪيج ڏنو ويو آهي. هن چيو ته رليف پيڪيج ۾ سڀ کان پهريان غريب آبادگارن کي ترجيح ڏني وئي، اسان وٽ بينظير هاري ڪارڊ تحت ڊيٽا هئي، 25 ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙ سمورن آبادگارن کي في ايڪڙ 1500 رپين جي حساب سان رليف ڏنو ويو ۽ سنڌ بينڪ ذريعي آبادگارن کي فنڊز جي منتقلي شروع پڻ ٿي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سان گڏ اڱاري ڏينهن ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ سنڌ جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ 67 لک موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ آهن، جن کي ماهوار ٻه هزار رپيا ملندا، پر جنهن جي گاڏي پنهنجي نالي تي ناهي ان لاءِ سنڌ حڪومت ٽرانسفر فيس معاف ڪري ڇڏي آهي، هو پهريان پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻي سبسڊي سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙن کي ڏني آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو سرڪاري توڙي خانگي گاڏين تي سفر ڪندڙ مسافرن کي سبسڊي ڏئي رهيو آهي. ان کان علاوه هن چيو ته منشيات کان نوجوانن کي پري رکڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترين ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ تازو ئي نيول انٽيليجنس ايڪسائيز کاتي کي منشيات جو اطلاع ڏنو ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ايڪسائيز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ گڏيل ڪارروائي ڪري 500 ڪلو گرام کان وڌيڪ آئس تحويل ۾ ورتي، جنهن تي ايڪسائيز کاتو ۽ صوبائي وزير مبارڪن جا مستحق آهن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ٻڌايو ته ايڪسائيز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ، نيول انٽيليجنس ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي گڏيل ڪارروائي سان عربي سمنڊ مان منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي. جنهن دوران اربين رپين کان وڌيڪ ماليت جي 500 ڪلو گرام ڪرسٽل آئس ۽ 3000 بوتلون پرڏيهي شراب هٿ ڪيو ويو. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي نارڪوٽڪس کاتي ڪورنگي ڊسٽرڪٽ کي اطلاع مليو هو ته منشيات سمنڊ جي رستي ڪورنگي منتقل ڪئي وئي آهي، تنهنڪري نارڪوٽڪس کاتي گذريل رات منشيات منتقلي واري جاءِ تي ڇاپو هنيو ۽ ڄاڻايل منشيات هٿ ڪئي. هن چيو ته هي آپريشن گڏيل ڪاررواين جي اثرائتو هجڻ جو واضع مثال آهي، جڏهن ته پڪڙيل منشيات جي وڏي کيپ منظم منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪ لاءِ هڪ وڏو مالي نقصان آهي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته منشيات اسمگلنگ گروهه جي مقامي سهولتڪارن، مالي مددگارن ۽ ٻين عنصرن جي نشاندهي لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ايڪسائيز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ گذريل ڏينهن ٻيون به ٻه وڏيون ڪارروائيون ڪيون آهن، هڪ ڪارروائي ناڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ روهڙي سرڪل پاران جيل روڊ ايس آءِ يو ٽي ڪامپليڪس ويجهو ڪئي وئي جتي حساس اداري جي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي دوران هڪ فارچونر گاڏي نمبر بي جي 8268 مان 120 ڪلوگرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽئين ڪارروائي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جيڪب آباد سرڪل پاران ناڪام بڻائي وئي جتي ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي اعليٰ آفيسرن، لاڳاپيل آفيسرن ۽ سندن ٽيم کي زبردست واڌايون پيش ڪيون. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هاڻي تائين 3 هزار ماڻهن پنهنجي موٽر سائيڪلن جي رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته 1500 ماڻهن کي سنڌ بينڪ ۾ اڪائونٽ هجڻ ڪري 2 هزار رپيا ٽرانسفر پڻ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين بئنڪن جي اڪائونٽ هولڊرز جي کاتن ۾ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ پئسا منتقل ٿي ويندا.