اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ الجبيل آئل فيسلٽي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سدائين پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهندا. …
وزيراعظم شهباز شريف پاران سعودي عرب ۾ الجبيل آئل فيسلٽي تي حملي جي شديد مذمت، سعودي عرب سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ
اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ الجبيل آئل فيسلٽي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سدائين پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم جاري حملن جي ڏس ۾ سعودي عرب سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ سعودي عرب ۾ الجبيل آئل فيسلٽي تي ٿيندڙ حملي جي شديد مذمت ڪئي. هن سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سدائين پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهندا جهڙي طرح سعودي قيادت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم موجوده ڇڪتاڻ دوران سعودي قيادت پاران تحمل ۽ دانشمندي جي مظاهري کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن سان گڏجي امن جي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وچ اوڀر جي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان پڻ ولي عهد کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ شاندار سلام جو اظهار پڻ ڪيو. سعودي ولي عهد خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.












