نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي تازي صورتحال ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناروي جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ ڳالهه …

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي تازي صورتحال ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناروي جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ کي ساراهيو ۽ ان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ به ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.