وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ امن ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ امن ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن پنهنجي ويجهي ڀاءُ سعودي عرب جي ولي عهد …

اسلام آباد  -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ امن ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن پنهنجي ويجهي ڀاءُ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ سعودي عرب سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن الجبيل آئل فيسلٽي تي ٿيندڙ حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم سعودي ولي عهد جي دانشمنداڻي ۽ مدبراڻي قيادت ۾ مملڪت جي تحمل کي ساراهيو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ امن ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.