اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ تي گذريل ڏينهن به بحث جاري رهيو ۽ ميمبرن موجوده بحران دوران معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم رڪڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. قومي اسيمبليءَ ۾ بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي شيخ آفتاب چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پوري دنيا جي امن کي متاثر ڪيو آهي، …
قومي اسيمبليءَ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ تي بحث
اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ تي گذريل ڏينهن به بحث جاري رهيو ۽ ميمبرن موجوده بحران دوران معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم رڪڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. قومي اسيمبليءَ ۾ بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي شيخ آفتاب چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پوري دنيا جي امن کي متاثر ڪيو آهي، موجوده حڪومت کي اهو ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي ته بحران جي خاتمي ۽ صلح جون ذميداريون پاڪستان کي ڏنيون ويون آهن، پوري دنيا ۾ اڄ پاڪستان هڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پوري فوج ۽ حڪومت کي ان جو ڪريڊٽ ملڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده بحران دوران معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته مهانگائي ۽ ڏُکيائون آهن پر اسان کي پرڏيهي ۽ معاشي معاملن تي جيڪي ڪاميابيون مليون آهن ان جو به ذڪر ڪرڻ گهرجي. شيخ آفتاب چيو ته مخالف ڌر کي حالتن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ٺوس تجويزون ڏيڻ گهرجن. هن ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ثمينه خالد گهُرڪي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته نه صرف خطو پر پوري دنيا کي ڏُکيائيون درپيش آهن، پاڪستان ايران ۽ آمريڪا سان معاملن کي جنهن انداز ۾ هلايو آهي اهو تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته حڪومت کي پاليسيون بڻائيندي مستقبل جي منصوبا بندي کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته زراعت جو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، گذريل سال ڪڻڪ بابت پاليسيءَ سان آبادگارن کي ڏُکيائين کي مُنهن ڏيڻو پيو هو، موجوده سيزن لاءِ بهتر پاليسي بڻائي وڃي.












