اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ترڪيه سان پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاع، تربيت ۽ دفاعي صنعت جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار کي ساراهيو آهي. بچاءَ واري وزارت مان جاري بيان موجب ترڪ جنرل اسٽاف جي نائب سربراهه جنرل ليونت ارگن، خواجه محمد آصف سان هتي …
بچاءَ واري وفاقي وزير پاران ترڪيه سان پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ترڪيه سان پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاع، تربيت ۽ دفاعي صنعت جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار کي ساراهيو آهي. بچاءَ واري وزارت مان جاري بيان موجب ترڪ جنرل اسٽاف جي نائب سربراهه جنرل ليونت ارگن، خواجه محمد آصف سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ دفاعي ۽ عسڪري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. وفاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪندي ترڪيه سان پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان طرفان ترڪيه سان جٽادار ڀائيواري جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ دفاع، تربيت ۽ دفاعي صنعت جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار کي ساراهيو. ٻنهي معزز شخصيتن ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙي نظر رکن ٿا ۽ سفارتي معاملن تي ۾ ويجهي هم آهنگي برقرار رکندا پيا اچن. جنرل ليونت ارگن ترڪ وفد لاءِ شاندار مهمان نوازيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ترڪيه جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفان پاڪ ترڪيه ناتن جي هاڪاري اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ مستقبل ۾ ويجهن رابطن ۽ اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












