اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اها ملاقات سندس عهدو سنڀالڻ کان پوءِ خيرسگالي طور تي ڪئي وئي، جنهن ۾ هن سينيٽ چيئرمين کي وفاقي محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي، عوامي شڪايتن جي ازالي جي نظام ۽ انتظامي انصاف جي فراهميءَ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وفاقي محتسب آگاهه ڪيو …
سينيٽ چيئرمين سان وفاقي محتسب جي ملاقات
اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اها ملاقات سندس عهدو سنڀالڻ کان پوءِ خيرسگالي طور تي ڪئي وئي، جنهن ۾ هن سينيٽ چيئرمين کي وفاقي محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي، عوامي شڪايتن جي ازالي جي نظام ۽ انتظامي انصاف جي فراهميءَ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وفاقي محتسب آگاهه ڪيو ته اداري سال 2025ع ۾ بدانتظامي بابت 2 لک 62 هزار کان وڌيڪ شڪايتن کي ڪاميابيءَ سان اُڪلايو جڏهن ته فيصلن تي عملدرآمد جي شرح اٽڪل 97 سيڪڙو رهي. هن ٻُڌايو ته وفاقي محتسب جو ادارو سڄي ملڪ ۾ پنهنجي وسيع علائقائي نيٽ ورڪ ذريعي عوام کي چائنٺ تي فوري، گهٽ خرچ ۽ اثرائتو انتظامي انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته شڪايتن جي داخلا ۽ انهن جي حل لاءِ هڪ جديد آن لائن پورٽل متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن تحت هر شڪايت کي 60 ڏينهن اندر اُڪلائڻ کي يقيني بنايو ويندو. وچولي طبقي کي درپيش مسئلن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ کُليل ڪچهرين ۽ ٻُڌڻين جو بندوسبت به ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام کي فوري رليف فراهم ڪري سگهجي. نويد ڪامران بلوچ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عوامي شڪايتن جو وقت سر تدارڪ اداري جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ شفاف، اثرائتي ۽ فعال نظام کي وڌيڪ مظبوط بڻايو پيو وڃي ته جيئن سرڪاري بدانتظامي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي وقت سر حل ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين وفاقي محتسب جي اداري جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته نويد ڪامران بلوچ جي متحرڪ قيادت ۾ هي ادارو وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ خدمتون انجام ڏيندو ۽ عوام کي بهتر رليف فراهم ڪندو.












