اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مجموعي معاشي استحڪام ۽ بهتر مالياتي نظم و ضبط، پاڪستان موجوده ڏُکين حالتن جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، سبسڊي پروگرام جي پهرين قسط جلد جاري ٿيندي، حڪومت ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ تازي علائقائي بحران …
پاڪستان موجوده ڏُکين حالتن جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، سبسڊي پروگرام جي پهرين قسط جلد جاري ٿيندي: محمد اورنگزيب
اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مجموعي معاشي استحڪام ۽ بهتر مالياتي نظم و ضبط، پاڪستان موجوده ڏُکين حالتن جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، سبسڊي پروگرام جي پهرين قسط جلد جاري ٿيندي، حڪومت ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ تازي علائقائي بحران تي بحث کي سهيڙيندي ناڻي واري وزير چيو ته بحث دوران فائديمند ۽ تعميري تجويزون آيون آهن، اسان کي بهتريءَ جي اميد آهي، پر ان سان گڏوگڏ ڏُکين حالتن لاءِ منصوبا بندي به ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته مارچ کان وٺي هاڻ تائين جيڪو ڪجهه ٿيو آهي انهن حقيقتن کي غور سان ڏسڻ ضروري آهي، 14 مارچ کان 4 اپريل تائين جي مُدي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن کي روڪيو ويو ۽ ان دوران 129 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي وئي، اها سڀ سبسڊي ڪفايت شعاري ۽ ٻين قدمن ذريعي فراهم ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت ان تي ڪم ڪيو جڏهن ته وزيراعظم ڪفايت شعاري قدمن جي حوالي سان ٿرڊ پارٽي آڊٽ جو حڪم به ڏنو آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ 100 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي، ڇو جو اسان هڪ بحران مان گذري رهيا آهيون ان لاءِ پبلڪ سيڪٽر جي سرڪاري ملڪيتي ادارن کان ڊيوڊنڊ ۽ منافعي ۽ ٻين ذريعن مان رقم حاصل ڪئي وئي ۽ ائين 129 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. ناڻي واري وزير چيو ته محدود وسيلن سان گڏ اسان هتي پهتا آهيون. هاڻ هدف تي ٻَڌل سبسڊي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. موٽر سائيڪل سوارن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ڊيزل سان هلندڙ گاڏين کي سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته زراعت جي شعبي ۾ ننڍن آبادگارن ۽ زميندارن جو خاص خيال رکيو ويو آهي، صوبن وٽ هڪ مربوط ڊيٽا موجود آهي، پنجاب وٽ 8 لک هاري ڪارڊ جڏهن ته سنڌ وٽ پڻ هاري ڪارڊ آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين بئنڪن جي سربراهن سان منهنجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ تمام جلد حقدارن کي سبسڊي جي پهرين قسط ملي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت صورتحال جو تفصيل سان جائزو وٺي رهي آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ قائم ڪميٽي غور ويچار سان ڪم ڪري رهي آهي، اسان مختلف ملڪن جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ڪيترن ئي ملڪن ۾ راشن جي کوٽ شروع ٿي چڪي آهي، يو اي اي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 30 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 70 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ڀارت، سريلنڪا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ به پيٽروليم شين جون قيمتون وڌي چڪيون آهن، اسان جي دُعا آهي ته خطي ۾ امن ٿئي ۽ حالتون معمول موجب ٿي وڃن. حالتن ۾ بهتري لاءِ پاڪستان اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هاڻوڪي بحران دوران توانائيءَ جي انفراسٽرڪچر تي به حملا ٿي رهيا آهن، ان لاءِ جيڪڏهن جنگبندي ٿي وڃي ته به صورتحال کي معمول تي اچڻ ۾ هفتا ۽ مهينا لڳي سگهن ٿا، اسان صورتحال جي روشنيءَ ۾ حالتن جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون. ايل اين جي ۽ گيس جا بل وڌي رهيا آهن جڏهن ته فريٽ ۽ انشورنس جا خرچ به وڌي رهيا آهن. ان کان علاوه ميمبرن جي سي سي ملڪن جي روانگي واپار جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون، اسان پوري صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي رهيا آهيون، هاڻ تائين پرڏيهه مان آيل ناڻي تي ڪو اثر ناهي پيو، 50 سيڪڙو پرڏيهي ناڻو نار ملڪن مان اچي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي معاشي استحڪام ۽ بهتر مالياتي نظم و ضبط، پاڪستان موجوده ڏُکين حالتن جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو آهي. هلندڙ هفتي 1.4 ارب ڊالرن جا يورو بانڊز ۽ ٻي عالمي ادائگي به ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي. 26 ادارن کي نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي، پي آءِ اي ۽ فرسٽ وومن بئنڪ جي نجڪاري ٿي چڪي آهي جيڪي ادارا نجڪاري جي قابل نه هئا انهن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي ملازمن کي پيڪيجز ڏنا ويا آهن، اهي اهڙا ادارا هئا جن ۾ سبسڊي باوجود ڪرپشن ٿي رهي هئي، اهڙيءَ طرح ٻين ادارن کي به بند ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته ڪووڊ ۽ تازن تجربن مان سکندي پاڪستان اسٽريٽجڪ ذخيرن جي تعمير تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اسان ٻين ملڪن کان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي، جڏهن ته توانائي جي شعبي ۾ جامع سڌارن تي به عملدرآمد ٿي رهيو آهي، هن وقت سولر توانائيءَ مان 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، وزيراعظم ماحول دوست توانائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به جوڙي آهي.












