توانائيءَ واري وفاقي وزير سان اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما زاچن فان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بجلي جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ مستقبل جي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته عالمي توانائي چئلينجز باوجود پاڪستان جو پاور سيڪٽر موجوده حالتن ۾ مستحڪم رهيو آهي، ان استحڪام …

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما زاچن فان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بجلي جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ مستقبل جي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته عالمي توانائي چئلينجز باوجود پاڪستان جو پاور سيڪٽر موجوده حالتن ۾ مستحڪم رهيو آهي، ان استحڪام جو بنياد مقامي وسيلن جي وڌندڙ استعمال تي آهي، جنهن ۾ مقامي ڪوئلو، پن بجلي ۽ شمسي توانائي شامل آهن. هن چيو ته حڪومت مقامي ٻارڻ مان بجلي جي پيداوار تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن بجلي جي قيمتن جي وڌڻ کي روڪي سگهجي. ايما زاچن فان پاڪستان حڪومت جي وقت سر قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته خاص ڪري پاور سيڪٽر ۾ انهن قدمن قومي معيشت کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اي ڊي بي توانائيءَ جي شعبي جي ضرورتن جو جامع جائزو وٺي ڊجيٽلائيزيشن، مربوط منصوبا بندي، ڊيٽا گورننس، نجڪاري ۽ اداره جاتي سڌارن جهڙن قدمن ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻُڌايو ته اي ڊي بي جديد ميٽرنگ نظام (اي ايم آءِ) لاءِ فني معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته روف ٽاپ سولر ۽ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز جي اثرن بابت مطالعو جاري آهي. هن سگهه وڌائڻ جي پروگرامن جو به ذڪر ڪيو جن ۾ ڪوريا ۾ پاور سيڪٽر جي ماهرن لاءِ خاص تربيت شامل آهي ته جيئن جديد مهارتن ذريعي سڌارن کي هٿي وٺرائي سگهجي. وفاقي وزير نيشنل گرڊ ڪمپني (اين جي سي) جي اهميت تي زور ڀريندي ان جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ گهربل سهڪار تي روشني وڌي. هن چيو ته حڪومت، پاڪستان بزنس ڪائونسل کي ٽرانسميشن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ متحرڪ ڪيو. هن چيو ته نجڪاريءَ کان پوءِ ڌيان ٽرانسميشن جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي هوندو. ايمازا چن فان ٻُڌايو ته اي ڊي بي جي نائب صدر جي هلندڙ مهيني پاڪستان جي دؤري جو امڪان آهي. ملاقات ۾ ڌُرين پاڪستان ۾ جديد، اثرائتي ۽ جٽادار پاور سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.