اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان آءِ ٽي ايڪسپورٽرز ۽ فري لانسرز لاءِ وڏن سڌارن جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير سڌارن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هي آءِ ٽي ايڪسپورٽرز ۽ فري لانسرز لاءِ شڪايت جو اثرائتو نظام آهي، اهي قدم آءِ ٽي روانگي واپار …
حڪومت ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه
اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان آءِ ٽي ايڪسپورٽرز ۽ فري لانسرز لاءِ وڏن سڌارن جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير سڌارن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هي آءِ ٽي ايڪسپورٽرز ۽ فري لانسرز لاءِ شڪايت جو اثرائتو نظام آهي، اهي قدم آءِ ٽي روانگي واپار ۽ فري لانسنگ سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته حڪومت ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي.












