اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز حسين جکراڻي جي والد اڳوڻي ايم اين اي نواب مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ مطابق اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر، نواب مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندس سياسي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اڳوڻي ايم اين اي نواب مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز حسين جکراڻي جي والد اڳوڻي ايم اين اي نواب مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ مطابق اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر، نواب مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته نواب مير بابل خان جکراڻي باوقار سياسي ۽ سماجي شخصيت هو، سندس عوامي ۽ سياسي خدمتن کي ياد رکيو ويندو. سردار اياز صادق، اعجاز حسين جکراڻي ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته والدين قدرت جو انمول تحفو هوندا آهن، انهن جو وڇڙڻ ناقابل تلافي نقصان ۽ عظيم صدمو آهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ توهان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اسپيڪر، مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.












