اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، اسلام آباد جي شهرين لاءِ موٽر سائيڪلن جي ٽرانسفر فيس (ملڪيت جي مٽا سٽا) هڪ مهيني لاءِ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عوامي رليف ۽ سبسڊي قدمن تحت اسلام آباد ۾ موٽر سائيڪلن جي …
گهرو وزارت جو وڏو رليف، اسلام آباد ۾ موٽر سائيڪل جي ٽرانسفر فيس هڪ مهيني لاءِ ختم
اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، اسلام آباد جي شهرين لاءِ موٽر سائيڪلن جي ٽرانسفر فيس (ملڪيت جي مٽا سٽا) هڪ مهيني لاءِ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عوامي رليف ۽ سبسڊي قدمن تحت اسلام آباد ۾ موٽر سائيڪلن جي ٽرانسفر فيس هڪ مهيني جي مدي لاءِ معاف ڪئي وئي آهي. ان فيصلي جو مقصد پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي عوام کي سڌي ريت مالي رليف فراهم ڪرڻ آهي.












