نجي شعبي کي قرضن جي فراهميءَ ۾ جاري مالي سال دوران 8.4 سيڪڙو واڌ ٿي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) نجي شعبي کي قرضن جي فراهميءَ ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 8.4 سيڪڙو واڌ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي شروعات کان مارچ جي پڄاڻيءَ تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 10782 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو جون 2025ع جي پڄاڻيءَ جي 9949 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 8.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙيءَ …

اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) نجي شعبي کي قرضن جي فراهميءَ ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 8.4 سيڪڙو واڌ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي شروعات کان مارچ جي پڄاڻيءَ تائين بئنڪن طرفان نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 10782 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو جون 2025ع جي پڄاڻيءَ جي 9949 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 8.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙيءَ طرح نجي شعبي جي ڪاروبار کي به قرضن جي فراهمي ۾ جاري مالي سال دوران واڌ ڏني وئي، گذريل مالي سال جي پڄاڻيءَ تي بئنڪن طرفان نجي شعبي جي ڪاروبار کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 2104 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيڪو مارچ جي پڄاڻيءَ تائين وڌي 2129 ارب رپيا ٿي ويو. جاري مالي سال دوران شروعات کان هاڻ تائين نجي شعبي جي ڪاروبار کي فراهم ڪيل قرضن ۾ مجموعي طور تي 1.2 سيڪڙو اؤسر ٿي. نان بئنڪ مالياتي ادارن کي مارچ جي جي پڄاڻيءَ تائين بئنڪن طرفان فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 623 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي پڄاڻيءَ تي 958 ارب رپيا هو. نان بئنڪ مالياتي ادارن کي بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 38 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.