بيجنگ- 07 اپريل (اي پي پي) چين، وچ اوڀر ۾ جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڳالهين جي بحالي عالمي برادري جي گڏيل خواهش آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماونينگ معمول جي پريس بريفنگ ۾ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي چين جو موقف بيان ڪيو. اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان …
چين پاران وچ اوڀر ۾ جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت جو اعلان

مزید خبریں
بيجنگ- 07 اپريل (اي پي پي) چين، وچ اوڀر ۾ جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڳالهين جي بحالي عالمي برادري جي گڏيل خواهش آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماونينگ معمول جي پريس بريفنگ ۾ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي چين جو موقف بيان ڪيو. اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين جي بحالي، عالمي برادري جي گڏيل خواهش آهي. هن چيو ته چين هر ان ڪوشش جي آجيان ڪري ٿو جيڪا امن جي قيام ۾ مددگار هجي. هن وڌيڪ چيو چين پاڪستان طرفان جاري سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته لاڳاپيل ڌريون امن جي ان موقعي تي فائدو کڻندا، اختلافن کي ڳالهين ذريعي گهٽ ڪندا ۽ جلد کان جلد جنگ کي ختم ڪندا.











