گڏيل قومن ۾ نئين سيڪريٽري جنرل کي چونڊڻ جو عمل تيز، اميدوارن سان اهم ڳالهين جو شيڊول جاري

گڏيل قومون-07 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ( يو اين جي اي ) ايندڙ نئين سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوارن سان ٻه ڏينهن جي انٽر ايڪٽو ڳالهين جو شيڊيول جاري ڪيو آهي. گڏيل قومن جي ويب سائيٽ موجب اهي ڳالهيون 21 ۽ 22 اپريل تي منعقد ٿينديون جنهن ۾ هر اميدوار لاءِ ٽن ڪلاڪن جو سيشن مقرر ڪيو ويو آهي. جنرل اسيمبلي جي صدر انالينا …

گڏيل قومون-07 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ( يو اين جي اي ) ايندڙ نئين سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوارن سان ٻه ڏينهن جي انٽر ايڪٽو ڳالهين جو شيڊيول جاري ڪيو آهي. گڏيل قومن جي ويب سائيٽ موجب اهي ڳالهيون 21 ۽ 22 اپريل تي منعقد ٿينديون جنهن ۾ هر اميدوار لاءِ ٽن ڪلاڪن جو سيشن مقرر ڪيو ويو آهي. جنرل اسيمبلي جي صدر انالينا بيئر بوڪ ميمبر ملڪن کي موڪليل خط ۾ ان شيڊول جا تفصيل فراهم ڪيا ۽ هيستائين ان اهم عهدي لاءِ چار اميدوار سامهون آيا آهن جنهن ۾ چلي جو صدر مشيل باشليٽ، برازيل ۽ ميڪسيڪو جو نامزد ڪيل آهي. ٻين اميدوارن ۾ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جو موجوده ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي (ارجنٽائن پاران نامزد سينيگال جو اڳوڻو صدر ميڪي سال برونڊي جو نامزدٿيل) ۽ ڪوسٽا ريڪا جي ماهر معاشيات اڳوڻي صدر ربيڪا گرينسپان شامل آهي.گڏيل قومن جو موجوده  سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جنوري 2017ع ۾ پنهنجي عهدي تي مقرر ٿيل آهي ۽ نئون سيڪريٽري جنرل پهرين جنوري 2027 کان پنهنجي ذميواري سنڀاليندو.