ماسڪو-07 اپريل (اي پي پي) روس بالٽڪ ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هنن يوڪرين جي ڊرونز کي پنهنجي فضائي حد استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ماسڪو، لٿوانيا ۽ ايسٽونيا کي خصوصي وارننگ جاري ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن انهن ملڪن روس خلاف حملن لاءِ يوڪرين جي بغير پائيلٽ جهازن …
روس پاران بالٽڪ ملڪن کي سخت وارننگ، يوڪرين جي ڊرونز لاءِ فضائي حدون کولڻ تي رد عمل جي ڌمڪي

مزید خبریں
ماسڪو-07 اپريل (اي پي پي) روس بالٽڪ ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هنن يوڪرين جي ڊرونز کي پنهنجي فضائي حد استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ماسڪو، لٿوانيا ۽ ايسٽونيا کي خصوصي وارننگ جاري ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن انهن ملڪن روس خلاف حملن لاءِ يوڪرين جي بغير پائيلٽ جهازن (ڊرونز ) کي پنهنجي فضائي حد استعمال ڪرڻ ڏني ته روس جوابي قدم کڻندو. اهو اطلاع 26 مارچ تي هڪ ٽيليگرام چينل ذريعي سامهون آيو هو. جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته بالٽڪ رياستون پنهنجي فضائي حدن کي يوڪرين جي ڊرونز لاءِ کولڻ جو ارادو رکن ٿيون ۽ لٿوينا جي دفاع واري وزارت پنهنجي خبرن جي ترديد ڪئي آهي.











