اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ٽيرف ڪميشن ۾ سمورا ڪيسز مقرر وقت ۾ اڪلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪميشن سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن جي لاءِ سهولت يقيني بڻائي ۽ قانوني ۽ ٻين مشڪلاتن کان بچائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻي، ڪيسز ۾ دير ڪنهن به صورت قابل برداشت نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيشنل ٽيرف ڪميشن ۾ سمورا ڪيسز مقرر وقت ۾ اڪلائڻ جي هدايت
اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ٽيرف ڪميشن ۾ سمورا ڪيسز مقرر وقت ۾ اڪلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪميشن سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن جي لاءِ سهولت يقيني بڻائي ۽ قانوني ۽ ٻين مشڪلاتن کان بچائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻي، ڪيسز ۾ دير ڪنهن به صورت قابل برداشت نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ٽيرف ڪميشن جي ڪارڪردگي کي موثر ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ جاري سڌاراجاتي قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم نيشنل ٽيرف ڪميشن کي ملڪ ۾ صنعت ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سهولت مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم نيشنل ٽيرف ڪميشن سان لاڳاپيل قانوني مشڪلاتن جي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم نيشنل ٽيرف ڪميشن ۾ افرادي قوت ۽ عملي جي تربيت ۽ پيشيور ماهرن جي راءِ کي حڪمت عملي جو حصو بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل ٽيرف ڪميشن جي چيئرمين اداري ۾ وزيراعظم کان منظور ٿيل روڊ ميپ تحت جاري قانوني، انتظامي ۽ مالي سڌارن تي حاضرين کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي اداراجاتي نئين سر جوڙجڪ کانپوءِ ان جي فعال ڪارڪردگي ملڪي صنعت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ لازمي آهي، نيشنل ٽيرف ڪميشن جي قانوني انتظامي مسئلن کي صنعت ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ڏس ۾ جامع حڪمت عملي تحت حل ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي سمورين سرگرمين (آپريشنل فنڪشنز) کي مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪري شفافيت ۽ معيار کي يقيني بڻايو وڃي، نيشنل ٽيرف ڪميشن سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن جي سهولت يقيني بڻائي ۽ قانوني ۽ ٻين مُشڪلاتن کان بچائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اداري جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڪارڪردگي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ دنيا ۾ لاڳو بهترين طريقن جو جائزو ورتو وڃي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۽ ٻين جديد طريقن جي استعمال سان نيشنل ٽيرف ڪميشن ۾ جدت کي اختيار ڪيو وڃي، نيشنل ٽيرف ڪميشن ايپلٽ ٽربيونل ۾ قانوني مُشڪلاتن کي آسان ڪري ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي افرادي قوت ۽ عملو عالمي معيار موجب تربيت شده هجڻ گهرجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي سڌاراجاتي قدمن تي عملي رهنمائي جي لاءِ پيشيور ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، نيشنل ٽيرف ڪميشن ۾ ڪيسز جي دير ڪنهن به صورت ۾ قابل برداشت نه آهي، اهڙو نظام جوڙيو وڃي جنهن ۾ سمورن ڪيسز کي مقرر وقت ۾ اڪلايو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم کان منظور ٿيل روڊ ميپ موجب نيشنل ٽيرف ڪميشن ۾ اداراجاتي، قانوني ۽ نئين سر انتظامي سازي تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.












