اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ صديون پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا تيزي سان هڪ جامع معاشي ڀائيواري طرف وڌي رهيا آهن، انصاف تائين تائين پهچ لاءِ پاڪستان ۽ ترڪي هڪ ٻئي جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهن ٿا. هُن اهڙن خيالن جو اظهار ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر قادر اوزقايا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن اڱاري ڏينهن هڪ …
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ صديون پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا تيزي سان هڪ جامع معاشي ڀائيواري طرف وڌي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ صديون پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا تيزي سان هڪ جامع معاشي ڀائيواري طرف وڌي رهيا آهن، انصاف تائين تائين پهچ لاءِ پاڪستان ۽ ترڪي هڪ ٻئي جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهن ٿا. هُن اهڙن خيالن جو اظهار ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر قادر اوزقايا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن اڱاري ڏينهن هڪ وفد سان گڏ هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته صدين تي ٻڌل پاڪستان ۽ ترڪيه جا ڀائراڻا لاڳاپا تيزي سان هڪ جامع معاشي ڀائيواري ڏانهن وڌي رهيا آهن، شهرين کي انصاف تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ترڪي هڪ ٻئي جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي وفد جي تازي دوري دوران ان سلسلي ۾ صحيحُون ٿيل مفاهمت جي ياداشت ان منزل طرف پهريون قدم آهي. انصاف جي جلد فراهمي جي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تجربن جي مٽاسٽا جي وڏي صلاحيت موجُود آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه موسمياتي تبديلي، دهشتگردي جي خاتمي، اميگريشن ۽ ٻين شعبن ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهن ٿا. ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر قادر اوزقايا پاڪستان ۾ شاندار مهمان نوازي تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ محبت هر ترڪ جي رڳن ۾ رچيل آهي. هن چيو ته ترڪيه جي آئيني عدالت 64 سال پراڻي آهي ۽ پنهنجي وسيع تجربي کي ونڊڻ لاءِ پاڪستان سان هڪ پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مُلاقات ۾ ترڪيه جي آئيني عدالت جي ججن، جسٽس رضوان گيوليچ ۽ رجائي آقيل کانسواءِ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير عرفان نذير اوگلو کانسواءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، قانون ۽ انصاف وارو مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پُڻ موجُود هُئا.












